ڪراچي: پي ڊي ايم اي موجب سنڌ جي ٿر، ڪوهستان، ڪاڇي، ناري ۽ لاڙ پَٽ ۾ پهرين اپريل کان 3 مئي تائين سوڪهڙي واري صورتحال رهي. انهي عرصي دوران ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن کي ڪوٽڙي بئراج جي واهن مان رڳو پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو ويو.

سنڌ سرڪار جي مطالبي باوجود پاڻي جي چشما بجاءِ گڊو بئراج وٽان ڳڻپ شروع ٿي نه سگهي!!

ڪراچي: سنڌ سرڪار  جي مطالبي باوجود سنڌ کي ملندڙ پاڻي جي چشما بجاءِ گڊو بئراج وٽان ڳڻپ شروع ٿي نه سگهي، موجود سسٽم هيٺ چشما کان گڊو تائين پاڻي 5 ڏينهن ۾ پهچي  ٿو، جڏهن ته تونا ۽ گڊو وچ ۾ پاڻي جي چوري به ٿيندي  رهي ٿي.

صدر زرداري جي هدايتن باوجود 27 سائيٽن تي ٽيلي ميٽري سسٽم لڳي نه سگهيو

ڪراچي: صدر آصف زرداري پاران گذريل سال گرين پاڪستان جي اختيارين سان ڪيل گڏجاڻي ۾ ملڪ جي 27 جاين  تي ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائڻ جي ڏنل هدايتن تي هن وقت تائين عمل ٿي نه سگهيو آهي، ارسا پاران ٽيلي ميٽري سسٽم لاءِ عملو  ڀرتي ڪرڻ لاءِ اشتهار پڻ ڏنو  ويو هو،  جنهن تي به ڪا اڳڀرائپ نه ٿي سگهي آهي،