ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت درخشان ٿاڻي ۾ پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل باندي واري ڪيس ۾گرفتار ايس ايچ او ۽ وڏي منشي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت چيو ته هي ڪيس فردن جو نه پر قانوني نظام جي سالميت جو امتحان آهي، اختيارن جي غلط استعمال خلاف ميڪنزم ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اعليٰ پوليس آفيسرن خلاف جاچ ڳجهي رکڻ سان ٽرائل جي شفافيت متاثر ٿيندي آهي، ڪيس ۾ ايس پي مک جوابدار آهي. جڏهن ته  جاچ آفيسر ثبوت گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، هن ڪيس ۾ اختيارن جو غلط استعمال ڪيو ويو. عدالت چيو ته انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، اهڙا واقعا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سرڪاري کاتن تي اعتماد کي ڪمزور ڪن ٿا، اعتماد برقرار رکڻ لاءِ آزاد ۽ اثرائتي جاچ ٿيڻ گهرجي، اعليٰ آفيسرن وٽ جاچ ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ جو اختيار ۽ صلاحيت هئڻ  گهرجي،  ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي يا ٻن ڊي آءِ جيز تي مشتمل اسپيشل ڪاميٽي جوڙي وڃي، حڪومت مقتول جي وارثن ۽ شاهدن جي تحفظ کي يقيني بڻائي، عدالتن کان مٿڀرن قتل ڪيسن جي ذميوارن کي سزا ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي،