ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان جي علائقي سري جي ڳوٺ گولو خاصخيلي ۾ مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ نينگري قتل ٿي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته نينگريءَ 16 ورھين جي صدوري ڌيءُ نواز خاصخيلي کي جي ڀاء احسان ڪارنھن الزام ھيٺ لٺيون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي ٿاڻوبولاخان پوليس پھچي وئي. واقعي واري جاءِ تان قاتل ڀاءُ کي گرفتار ڪري مقتولا جو لاش تحويل ۾ ورتو. بعد ۾ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو. نينگريءَ جو پوسٽ مارٽم تعلقي اسپتال ۾ ٿيڻ کان پوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويندو. ٿاڻوبولاخان پوليس واقعي واري هنڌ تان ناري جي ڀاء احسان خاصخيلي سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايچ او موجب اسان واقعي جا تفصيل معلوم ڪري جاچ ڪري رھيا آھيون. موقعي تان ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ناھي ڪيو.