ٿاڻوبولاخان (ن پ ا)ٿاڻوبولاخان پوليس طرفان ھوٽل تي مزدوري ڪندڙ پورھيت  صادق عرف ڪنڊا خاصخيلي کي گرفتار ڪرڻ خلاف خاصخيلي برادريءَ جي ماڻھن ڪامران خاصخيلي، نياز خاصخيلي، صابر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس اسٽيشن ٻاھران ڌرڻو هنيو ويو، پوليس خلاف سخت نعريبازي پوليس بي ڏوھي غريب پورهيت صادق خاصخيلي کي گرفتار ڪري مٿس منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي، جڏھن ته پوليس منشيات فروشن جي ساٿاري آھي، ايس ايچ او ٿاڻوبولاخان جو چوڻ آھي ته منشيات ۽ ڏوھارين خلاف ڪارروائيءَ ڪئي آھي، سندس وٽان 4 شراب جون بوتلون مليون آھن، ھن  جوابدار جو ڊي آءِ جي پاران  موڪليل منشيات فروشن جي لسٽ ۾ نالو موجود آھي ۽ مٿس اڳ به ڪيس داخل ٿيل آھي.