ٿاڻوبولاخان( ن پ ا) ٿاڻوبولاخان نيشنل بينڪ ٿاڻوبولاخان آڏو آپڪا ۽ لوئر اسٽاپ ٻين سرڪاري ملازمن پاران احتجاج ڪيو ويو مظاھري ۾ شريڪ نياز حسين خاصخيلي فقير شريف خاصخيلي شالد خاصخيلي ۽ ٻين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي  ڪئي. اڳواڻن چيو ته ٿاڻوبولاخان تعلقي ۾ واحد نيشنل بينڪ جيڪا عوام کي سھولت ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ۾ نيشنل بئنڪ اڃان تائين پراڻي سسٽم تحت ھلندڙ آهي جنھن سبب  سرڪاري ملازمن کي تمام گھڻيون مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن سرڪاري بئنڪ اڳيان اي ٽي ايم مشين نه ھجڻ ڪري ملازمن کي ھن سخت گرمي ۾ اس  ۾ بيھي پگھار لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوي ٿو احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ٿاڻوبولاخان نيشنل بئنڪ  ۾ اي ٽي ايم  مشين لڳائي سرڪاري ملازمن توڙي  واپارين کي سھولت فراهم ڪئي وڃي  عوام مان بي چيني دور ڪئي وڃي.