ٿاڻوبولاخان(ن پ ا) ٿاڻوبولاخان ۾ سنڌ حڪومت جي توانائي واري کاتي طرفان ٿرديپ فائونڊيشن ذريعي غريب مستحقن ۾ سولر سسٽم ڏيڻ واري تقريب شريمتي ھاسي ٻائي ڌرم شالا ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ مستحقن ماڻھن ۾ سولر سسٽم تقسيم ڪيا ويا، تقريب ۾ پ پ پ ايم پي اي ملڪ سڪندر خان خصوصي مھمان طور شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي پ پ پ ايم پي اي ملڪ سڪندر خان چيو ته ورلڊ بينڪ ۽ سنڌ حڪومت پ پ پ  جي طرفان عوامي ڀلائيءَ جو بھترين ميگا پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ مستحقن ۾ سولر انرجي سسٽم ڏنا پيا وڃن. تقريب کي ضلعي ڪائونسل ميمبر ڊاڪٽر ڀون مل ھيمراجاڻي، محمد حسين خاصخيلي، ٿرديپ جي پروجيڪٽ انچارج واسو مل ۽ ٻين خطاب ڪيو.