ٿاڻوبولا خان/وارهه (نمائندن وٽان) ٿاڻو بولا خان ۽ وارهه ۾ احساس سينٽرن تي ايجنٽ سرگرم، 5 سو کان هزار رپيا ڪٽوتي جو سلسلو هلندڙ، وارهه ۾ سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ٿاڻوبولاخان تعلقي ۾ احساس ڪفالت سينٽرن تي عورتن جي رش لڳل آهي جنهن سبب ڪوهستان جي مختلف علائقن ٿاڻوعارب خان، ڪرچات، واهي عارب خان، تونگ ، مول، رني ڪوٽ، ريڪ ۽ ٻين مختلف کان ايندڙ سوين عورتون رقم وٺڻ لاءِ رمضان شريف جي مھيني دربدر ٿي رهيون آهن. احساس ڪفالت سينٽر تي صرف ٻه ڊوائيس مھيا ڪيون ويون آھن جنهن سبب عورتن جي وڏي رش لڳل آهي. جڏهن ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز تي پڻ ڪوبه عمل نه ٿي رهيو آھي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب تعلقي ٿاڻوبولاخان جي احساس ڪفالت سينٽرن تي ايجنٽ عورتن کي ڪوڙا آسرا ڏئي واپسي موٽائي رهيا آهن. ٻئي طرف احساس ڪفالت سينٽر جا ايجنٽ جيڪڏهن ڪنهن عورت کي رقم ڏين ٿا ته 300 کان 500 رپيا ڪٽوتي ڪري اٻوجهه عورتن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن پر ضلعي توڙي مقامي انتظاميا ان طرف ڪو ڌيان نه ڏنو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انتظاميا کي گهرجي ته ٿاڻوبولاخان تعلقي ۾ احساس ڪفالت سينٽرن تي عورتن کي سهولتون ڏئي رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري غريب عورتن کي پريشانين کان بچايو وڃي. هوڏانهن وارهه ۾ احساس ڪفالت جي رقم مان ناجائز ڪٽوتي خلاف سماجي اڳواڻن احمد خان ڇٽو، جيڪال ڪلهوڙو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن دانهيندي چيوته ايجنٽ مافيا مستحق عورتن جي پئسن مان ناجائز 500 کان 1000 تائين ڪٽوتي ڪري رهيا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته رقم مان ڪٽوتي بند ڪئي وڃي.