ٿاڻوبولاخان(ن پ ا) ٿاڻوبولاخان ۾ سنڌ حڪومت طرفان برسات متاثرن جي لاءِ آيل گھرن مان تعميرات مڪمل ٿيل گھرن جي مالڪن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ لاءِ صنعتون ورھائڻ واري تقريب ٿي گذري، ٽائون ڪاميٽي ٿاڻوبولاخان ۾ مقرر ٿيل تقريب ۾ اسٽنٽ ڪمشنر عبدالقادر اقبالاڻي، مختيارڪار محمد بخش ناريجو ، وائيس چيئرمين شھزاد ميمڻ، ملڪ محسن خان ۽ ٻين مختلف علائقن کان آيل ماڻھن کي سندس گھرن جا حق ڏيڻ لاءِ صنعتون ورهايون. ان موقعي تي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻ چيو ته برسات سبب ٿيل نقصانن جو ازالو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت انھن متاثرن جي مدد ڪري کين گھر تعمير ڪرائي ڏنا آھن، پ پ پ عوامي خدمت جو سلسلو جاري رکندي.