پڪ سان اسان جي نسل جو اهو خواب، خواب ئي رهجي ويندو. اهو پڻ سچ آهي ته، ڪجهه سپنا ساڀيائون ناهن ماڻي سگهندا. ڪُجهه خواب ڄمڻ کان اڳ ئي ساهه گهٽجڻ سبب وفات ڪري ويندا آهن. اسان جو خواب هڪ آئيڊيل ۽ مڪمل سماج جو آهي، هڪ خواب جنهن ۾ ماڻهن کي انصاف ملي. ڪير ڪنهن جو مارو نه هجي. ڪير ڪنهن جي مٿان ناحق دهشت نه مڙهي. مذهب جي نالي، سياست جي آڙ ۾ خون نه وهي. هڪ پرامن معاشرو جنهن جي تلاش ۾ انسان سوين سالن کان ڀٽڪي پيو. ڪجهه سال اڳ آمريڪي رسالي ‘دي اڪانامسٽ’ ۾ هڪ سروي شايع ٿي، جنهن موجب دنيا ۾ اڪثر ماڻهو مذهب جي نالي سان سياست ڪندڙ پارٽين ۽ اڳواڻن کان گهڻو خائف آهن، ٻين لفظ ۾ انهن کان پري پيا ٿين. ان حوالي سان ايران جي آيت الله محمد تقي يزدي جو چوڻ هو ته “ايران جا ماڻهو هاڻي شدت پسند روين کان تنگ ٿي پيا آهن. هو رواداري ۽ اعتدال پسنديءَ جي رجحان طرف اچڻ چاهين ٿا. سعودي عرب ۾ محمد بن سلمان جي اصلاحن کانپوءِ جنهن تيز رفتاريءَ سان تبديليون اچن پيون، ان لاءِ اسان وارا همراهه ته ڏسندي رهجي ويا آهن. جنهن لاءِ سوشل ميڊيا جو اهو تبصرو کِل ڏيارڻ سان گڏ تز پڻ آهي ته، “سانون نهر والي پُل تي بُلا ڪي، تي خوري ماهي ڪٿي رهه گيا…..” ان سلسلي ۾ ئي واشنگٽن پوسٽ ۾ هڪ مضمون پڻ ڇپيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هاڻي دهشتگرديءَ جو رخ تبديل پيو ٿئي؛ يعني دهشتگردي بين الاقوامي سطح کان ڪافي گهٽجي هيٺ مقامي حڪومتن جي مٿي جو سور ٿي رهي آهي. مثال طور: داعش موجود ته آهي، پر ان جي اها سگهه ناهي رهي، جيڪا 10 سال اڳ هئي. القائده به نالي جي وڃي رهي آهي. نائيجيريا ۾ بوڪو حرام، آفريڪا ۾ الشباب، افغانستان ۾ طالبان پڻ مَٽِجي چڪا آهن. البته مقامي سطح تي اهي ڏاڍ ۾ آهن ۽ اهو جبر ڪنهن نه طرح جاري آهي، پر وري به پاڻ سهڻن سپنن جون ڳالهيون پچاريون پيا. انهيءَ پچار ۾ سورهين صديءَ ۾ ٿامس مور جو لکيل ناول ‘يوٽوپيا’ به خوابن جيان ئي آهي. سر ٿامس مور 1516 ڌاري جڳ مشهور ڪتاب ‘يوٽوپيا’ لکيو. هن ڪتاب ۾ ٿامس مور جي لکڻ جو انداز هڪ سيلانيءَ جيان آهي. ‘يوٽوپيا’ انگلينڊ ۾ ان وقت جي ڪلاسيڪي حيثيت رکندڙ ٻولي ليٽن ۾ لکيو ويو. ٿامس مور ۽ ان جي ڪتاب يوٽوپيا تي تحقيق ڪندڙن جو خيال آهي ته، ڪتاب لکڻ کان اڳ هن جي ملاقات ضرور ڪنهن واپاريءَ سان ٿي هوندي، جنهن سان هن گهڻيون ڪچهريون ڪرڻ بعد پنهنجي تخيل جي زور تي ڪتاب لکيو هوندو! ڪتاب ۾ هڪ فرضي ڪردار رافيل هٿلوڊي جڏهن ايٽلانٽڪ سمنڊ جي ڏکڻ ساحل تي آمريڪا کنڊ ۾ پهچي ٿو ته اتي هن کي ‘يوٽوپيا’ جي تصوراتي دنيا ملي ٿي. جنهن جو ذڪر ٿامس پڻ ڪجهه هن ريت ڪيو آهي ته، “منهنجي جڏهن رافيل سان ملاقات ٿي ته هن ان تصوراتي ٻيٽ جون ڳالهيون ٻڌايون.“
ڪتاب ۾ هونئن ته تمام گهڻيون ڳالهيون لکيل آهن، پر جڏهن انگلينڊ جي قانونن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل پيچيدگين جو ذڪر ٿئي ٿو ته رافيل هڪ پوائنٽ ‘چوري ۽ سزا’ ڏانهن اشارو ڪري ان تي بحث ڪري ٿو. جيئن ته ان زماني ۾ انگلينڊ اندر چوريءَ خلاف قانون تمام سخت هئا. چوريءَ جي سزا موت هوندي هئي. ان باوجود روزاني هڪ سوريءَ تي ڏهن کان ويهن ماڻهن جون سسيون ڌار ڪيون وينديون هيون، پر چوريون گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيون هيون. رافيل موجب ماڻهن کي ڪڙين سزائن وسيلي ڏوهن کان روڪي نه ٿو سگهجي! هن جو چوڻ هو ته پهرين ماڻهن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪيون وڃن. انهن جي گذر سفر جو بندوبست ڪيو وڃي ته چوريءَ سميت ڏوهن جي انگ ۾ پاڻ ئي گهٽتائي ٿيندي. رافيل موجب سماج يا سرڪار پهرين ماڻهن کي مفلسيءَ هٿان گناهه ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا. پوءِ وري انهن جون ڳچيون ڌڙ کان ڌار ڪيون وڃن ٿيون.
ڪتاب ‘يوٽوپيا’ ۾ چوري، ڦر ۽ ڌاڙن جو هڪ اهم سبب انگلينڊ جا اهي بيڪار رئيس ۽ نواب آهن، جن جي عياشين جو ڀوڳڻو عوام ڀوڳي ٿو. هو ايترا ته نڪما ۽ ڪم چور آهن جو پنهنجي جُتي به سڌي ڪرڻ گوارا نه ٿا ڪن. هنن جي بنگلن ۾ مفت خور ماڻهن جي فوج ويٺل آهي. جيڪي پڻ ڪوبه ڪم ڪرڻ نه ٿا گهرن. هي نوابن جا پاليل غنڊا پڻ آهن. جن ڪو ماڻهن کي آزارڻ ئي آهي. نوابن جي زيادتين جي ڪري هنن جي زمينن تي ڪم ڪندڙ هاري به بيزار ٿي ڀڄي رهيا آهن. هنن وٽ ڪوبه روزگار ناهي، نتيجي ۾ شهرن ۾ هر طرف فقيرن جا جٿا نظر اچن ٿا. رافيل مطابق يوٽوپيا ۾ اهڙي ڪابه صورتحال ناهي. اتي زندگي ايتري ته سولي آهي، جو ڪوبه ماڻهو ڏوهه ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي.
رافيل سان ڪچهريءَ ۾ ٿامس مور هن کي صلاح ڏئي ٿو ته تو وٽ ايتريون زبردست ڳالهيون آهن. تون بادشاهه جو مشير ڇو نه ٿو ٿين؟ جنهن تي رافيل وراڻي ٿو ته يوناني ڏاهي افلاطون کي به اها ڀُلَ هئي ته: بادشاهه پاڻ فلسفي هجي يا هن جا صلاحڪار فلسفي هجن ته ملڪ ۾ هر طرف خوشحالي ٿي ويندي. جنهن لاءِ هن ڪوشش پڻ ڪئي، پر آخر ۾ ناڪام ٿيو. ڇاڪاڻ ته حڪمرانن کي ڪڏهن به دانشور ۽ فلسفين جي نه پر خوشامدي ۽ درٻاري ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي. رافيل جا ذاتي ملڪيت بابت رايا نهايت سخت آهن. هن جي خيال مطابق، اهو ممڪن ئي ناهي ته جنهن سماج ۾ ڪجهه ماڻهن وٽ جهجهي مقدار ۾ ذاتي مال ملڪيت هجي اتي ٻيا ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن.
يوٽوپيا ۾ مٿين ڳالهين کان سواءِ ڪيترئن ئي معاملن تي شاندار ريت لکيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي مشهور اديبن، دانشورن ۽ فلسفين هن ڪتاب بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. وڪٽر هوگو لکيو ته، “اڄ جي دنيا ۾ مستقبل لاءِ يوٽوپيا کان وڌيڪ ڪو خواب ناهي”. آسڪر وائلڊ چيو ته، “دنيا جي جنهن نقشي ۾ يوٽوپيا شامل نه هجي، اهو هڪ نهار جي لائق به ناهي”. الفانسو ڊي لمارٽين چيو ته، “يوٽوپيا وقت کان اڳ جي سچائي آهي”. ٿيوڊور ڊبليو اڊورنو لکيو ته، “ڪو به تجريدي تصور ابدي امن جي نسبت پورو ٿيل يوٽوپيا جي ويجهو نه ٿو اچي”.
ڪتاب ‘يوٽوپيا’ سال 1516 ۾ شايع ٿيو. اڄ تائين جو بهترين ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. هن ڪتاب جي مقبوليت ۾ ڪڏهن به گهٽتائي ناهي آئي. انهن تصورن کي وٺي، ڪجهه ملڪن پنهنجي ڌرتي کي ‘يوٽوپيا’ ٺاهي ڇڏيو آهي. رهي ڳالهه اسان جي ته پنج سئو سال گذري ويا. پنهنجي سماج جي حالت ساڳي ئي آهي، جيڪا انگلينڊ جي هئي. اهو ڪهڙو ڏوهه يا گناهه آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي هن خطي تي نه ٿو ٿئي؟ ماڻهن جي آهه زاريءَ جا ڪهڙا مثال پيش ڪجن. هر پاسي ڄڻ زندگيءَ کي ڪاري ڪامڻ وڪوڙي وئي آهي. بقول شيخ اياز جي:
هن ديس سڄي کي سائي آ،
هر شام اُفق تي، ليمي جئن،
ڇا هيڊي هيڊي آئي آ!
۽ اُن جي ڪاريءَ ڪان ڪان ۾،
ڇا وحشت! ڇا تنهائي آ!
جيڪڏهن توهان انهن وحشتن کي پڙهڻ چاهيو ٿا ته جارج آرويل جو ناول 1984 پڙهي وٺجو. هي ناول ‘يوٽوپيا’ جو ضد يعني ‘ڊسٽوپيا’ کي بنياد بڻائي لکيو ويو آهي. آخر ۾ اهو پڻ ٻڌائجي ته، يوٽوپيا لکڻ کانپوءِ ٿامس مور کي زندگيءَ ۾ سڪون نه مليو. هن جي خواهش هئي ته ناول کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪجي، جيڪو ان وقت جي بادشاهه کي چئلينج ڪرڻ جي برابر هو. مزيدار ڳالهه ته ٿامس، ان وقت جي بادشاهه هنري اٺين جو صلاحڪار پڻ هو، پر چوندا آهن ته، هڪ سچو ماڻهو، گهڻي وقت تائين ڪمپرومائيز ناهي ڪري سگهندو، سو جڏهن هنري بادشاهه هن کي مجبور ڪيو ته، هن کي انگلينڊ جي چرچ جو سربراهه ڪيو وڃي ته ٿامس مور انڪار ڪيو، نتيجي ۾ بادشاهه نه صرف هن جي مٿان غداريءَ جو ڪيس هلرايو، پر سوريءَ تي آڻي سسي ڌڙ کان ڌار پڻ ڪرائي. اهو 1535 جو سال هو، جنهن ۾ ٿامس کي موت جي ابدي ننڊ سمهاريو ويو. مرڻ وقت هن جا لفظ هئا: “بيشڪ مان بادشاهه جو سُٺو خادم هئس، پر خُدا جو پهرين آهيان”. 1859 ۾ ڪيٿولڪ چرچ طرفان هن کي ‘ولي’ جو رتبو ڏنو ويو. ساڳئي وقت ٿامس مور کي چرچ طرفان ‘اصلاحي شهيد’ جو خطاب پڻ ڏنو ويو. ها! ان کان اڳ هن جي خواهش ته سندس ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿئي اها به پوري ٿي، جنهن ۾ گهڻو وقت نه لڳو هن جي مرڻ کان فقط 16 سالن جي اندر ئي ‘يوٽوپيا’ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي عام ماڻهن تائين پهچي ويو هو.