ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ايريا اسٽيڊي سينٽر پاران”پاڪستان جي سياحتي صلاحيتن جو فائدو ڪيئن کڻجي: ڏکڻ اوڀر ايشيا کان سبق” جي سري هيٺ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي. ڄاڻايل ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽي جي ايريا اسٽڊي سينٽر سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ صوبائي حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي، ملڪ جي نامور اسڪالرن تحقيقاتي مقالا پيش ڪيا. ڪانفرنس مان حاصل ٿيندڙ حتمي سفارشن کي سنڌ حڪومت ڏانهن پاليسي لاءِ پيش ڪيو ويندو. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ چيو ته پاڪستان ۾ بي پناھه سياحتي صلاحيتون موجود آهن، پر انهن مان پورو فائدو وٺڻ لاءِ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ڪامياب ماڊلز مان سبق حاصل ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته ڪانفرنس نواڻ تي ٻڌل حڪمت عمليون ڳولڻ، بهترين طريقا سکڻ ۽ نون خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو منفرد موقعو فراهم ڪندي. ٿائيلينڊ جي شاهي قونصل خاني جي قونصل جنرل، سوراشيٽ بونتيننڊ ٻڌايو ته ٿائيلينڊ دنيا ۾ سياحت لاءِ مشهور آهي. 2024ع ۾ بينڪاڪ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ گهميو ويل شهر هو ۽ گذريل سال ٿائيلينڊ سياحتي انگن اکرن موجب عالمي سطح تي 12هين نمبر تي رهيو. سياحت ٿائلينڊ جي ڪل جِي ڊي پي  جو 17 سيڪڙو آهي. هن نشاندهي ڪئي ته سياحت جي ڪامياب حڪمت عمليون صرف سياحن جي انگن اکرن تائين محدود نه هجڻ گهرجن پر انهن جي رهڻ جي مدي، خدمتن جي معيار ۽ مجموعي تجربي کي بهتر بڻائڻ تي به ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ واپار، سيڙپڪاري، تعليم، سيڪيورٽي ۽ سياحت جي ميدان ۾ لاڳاپا وڌائڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي ‘اوڀر ايشيا پاليسي’ ٿائيلينڊ جي ‘ويسٽ ڏانهن ڏسو پاليسي’ سان هم آهنگ آهي. اسان پاڪستان سان سياحت جي ترقيءَ تي گڏيل سهڪار لاءِ تيار آهيون. ٿائيلينڊ جي نائب قونصل جنرل پانوتات يودڪايو تجويز ڏني ته  پاڪستان به ٿائيلينڊ جي تجربي مان فائدو وٺي پنهنجي سياحتي صنعت کي وڌائي سگهي ٿو. ڪراچي يونيورسٽي جي اڳوڻي ڊين پروفيسر  ڊاڪٽر مونس احمر چيو ته سياحت پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ اهم انڊسٽري آهي. پاڪستان پنهنجي ثقافتي ورثي، جبلن، گليشئرن، دريائن، ريگستانن ۽ سامونڊي ڪنارن سبب سياحت لاءِ بهترين ملڪ آهي. پاڪستان سياحت جي ترقي لاءِ انفراسٽرڪچر بهتر ڪري، سيڪيورٽي يقيني بڻائي ۽ سياح دوست ماحول فراهم ڪري ته ملڪ ساليانو 20 بلين ڊالر ڪمائي سگهي ٿو.  سياحتي هنڌن جي مارڪيٽنگ، ان مان تاريخي ماڳن، جبلن، ڍنڍن، ريگستانن ۽ سامونڊي ڪنارن کي عالمي سطح تي هٿي ڏني وڃي. سياح دوست ماحول لاءِ سياحن جي سيڪيورٽي، معياري خدمتن ۽ ضروري سهولتون يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. گڏوگڏ حڪمت عملي تي ٻڌل منصوبن کي بهتر بنائڻ لاءِ پاڪستان ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن کي5 سالن جو منصوبو ترتيب ڏيڻ گهرجي. ويزا فري رسائي ۽ بهتر هوائي سهولتون ڏيڻ سان گڏ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ نجي سرڪاري ڀائيواري کي بهتر بنائڻ گهرجي.