حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ادريس لغاري پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پيپلزپارٽي سرڪار ۽ پي ڊي ايم حڪومت جا ٻوڏ متاثرن سان ڪيل واعدا وفا نه ٿيا. هن وقت تائين سنڌ جا ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. سال 2022ع واري ٻوڏ کي سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر ٻوڏ متاثرن جا گهر ٺاهي ناهن ڏنا ويا. هنن چيو ته ٻوڏ متاثرن جا گهر ٺاهي ڏيندڙ اين جي اوز ڪرپشن وسيلي ٻوڏ متاثرن جي گهرن جا پئسا هڙپ ڪري ويون آهن. صرف وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن جي من پسند ماڻهن کي گهر ڏنا ويا آهن. اڳواڻن چيو ته سال 2022ع جي ٻوڏ ۾ سنڌ جي ماڻهن جا لکين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. ڪروڙين ماڻهو پنهنجن گهرن کان دربدر ٿيا. سنڌ سرڪار هن وقت تائين ٻوڏ متاثرن جي گهرن جو ڪم مڪمل نه ڪري سگهي آهي. پيپلزپارٽي سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جا پئسا اليڪشن ورڪ تي خرچ ڪري رهي آهي. هنن چيو ته هينڊس اين جي او کي سنڌ جي 6 ضلعن جا 3 لک 76 هزار کان وڌيڪ گهر ٺاهي ڏيڻا هئا ان هن وقت تائين صرف 55 گهر مس ٺاهي ڏنا آهن جيڪا انتهائي شرمناڪ صورتحال آهي.