نوشهروفيروز/ڀرياسٽي(نمائندن وٽان) اين پي پي سربراهه ۽ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت پاران ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت ۾ پيشي بعد مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اڌ کان گهڻو وقت عدالتن ۾ حاضري تي ضايع ٿئي ٿو، جنھن ڪري گھربل سياسي سرگرميون ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن، ھن چيو ته سرڪار هٿ ٺوڪيا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن پر اسان جا حوصلا بلند آھن ۽ اسان جھڪڻ وارا ناھيون، ھن چيو ته وڪيلن جي جدوجهد کي سلام آھي جيڪي اڃا تائين پرعزم آھن، ھن چيو ته وفاقي سرڪار کي سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ھن چيو ته سنڌ جا رهواسي هاڻي پ پ کان نفرت ڪن ٿا ۽ پ پ مان جان ڇڏائڻ لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجڻو پوندو، هوڏانهن ڳوٺ جلباڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ جتوئي چيو ته ڪئنالن جو فيصلو جولاءِ ۾ ٿيو هو، سڀ کان پھريان جي ڊي اي بيداري مارچ شروع ڪيو، هن چيو ته پ پ ھميشـ اقتدار جي لالچ ۾ غلط فيصلا ڪيا آھن، ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته پ پ مافيا مان جان آجي ڪرائجي، هن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪئنالن خلاف جي ڊي اي جو چٽو ۽ واضع موقف آهي ته ڪينال قبول ناھن، هن چيو ته پ پ حڪومت سنڌ کي برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناھي ڇڏي، ادارا يرغمال بڻيل آھن.