ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ سنڌ جي گورنر کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گورنر ڪامران ٽسوري جي موجودگي تائين پ پ ۽ نواز ليگ ۾ ٿيل معاھدو مڪمل ناھي، ھن چيو آهي ته نواز ليگ ڪيل واعدا پورا ناھن ٿيا، ڪامران ٽسوري جي موجودگي ۾ پ پ ۽ نواز ليگ وچ ۾ ورڪنگ رليشن شپ کي اڳتي وڌائڻ چيلينج آهي، ھن چيو ته پ پ قيادت ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت کي ووٽ ڏيڻ کان اڳ انھي ڳالهه کي يقيني بڻائي ته نواز ليگ معاھدي تي عملدرآمد ڪري، ٻي صورت ۾ پ پ کي بجيٽ ۾ حڪومت جي حمايت نه ڪرڻ گھرجي.