ميھڙ(ن پ ا)پ پ پ ڪنھن به صورت ۾ سنڌوءَ مان ڪئنالن جي حمايت نه پئي ڪري صدر زرداري ڪئنالن بابت ڪنھن به سمري تي صحيح ناھي ڪئي اسان لاڳاپيل فورمن تي پاڻي جو ڪيس وڙھي رھيا آھيون، اگر ان باوجود ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج سان گڏ پ پ پ روڊ رستن تي ھوندي احتجاج ننڍڙا نه پر وڏا ھوندا پ پ پ خلاف مخالف پروپيگنڊه ڪري پنھنجي سياست چمڪائي رھيا آھن 6 ڪئنال ته پري 6 پاڻي جا ڦڙا چورائڻ وارن جون ٻانھون ڪٽي ڇڏينداسين اھڙو اظھار پيپلزپارٽيءَ جي انفارميشن سيڪريٽريءَ ۽ اڳوڻو سينٽر عاجز ڌامراہ ميھڙ ۾ شھيد راڻي محترمه بينظر ڀٽو جي 17 ورسي جي موقعي تي پ پ يوٿ انفارميشن سيڪريٽريءَ ضلع دادو جي اڳواڻ مير صدام ٻلھڙو پاران ڪرايل تقريب ۾ ڪيو، ھن چيو ته سنڌ ۾ ھڪ روحاني شخصيت جيڪا جي ڊي اي جي سرپرست بڻيل آھي اھو پنھنجي دورن دوران ڪئنالن جي ڳالھه ڇو نه ٿو ڪري اھو ھڪ ڌر جو ترجمان آھي، ھو جنھن جا ماڻھو آھن انھن جي ئي نيڪي ڪن پيا ھن چيو ته ايس يو پي اڳواڻ زين شاھه جي ڀاءُ جلال محمود شاهه ڪالا باغ ڊئم جي قرارداد پيش ڪرڻ دوران اسيمبلي جي لائيٽ ۽ دروازا به بند ڪرائي ڇڏيا ھيا. مخالفن وٽ صرف پ پ پ جي مخالفت جي ڳالھه ڪري پنھجي سياست چمڪائي رھيا آھن. ھن چيو ته اسان کي ھر جماعت ۽ پير پاڳارو، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو ۽ سنڌ جي قومپرستن جي لاءِ احترام ضرور آھي پر اوھان کان سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ڪا ضرورت ناهي آھي.