حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ طرفان قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. قاسم آباد ۾ پارٽي جي مرڪزي آفيس ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ جي موقعي تي اياز لطيف پليجو پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر رفيعه اشرف پليجو، صبا سمون، ماريه مڱريو، ھميرہ اختر ۽ ٻيون اڳواڻ موجود ھيون. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جا نوجوان ميرٽ ذريعي مقابلو ڪري اڳتي اچن. تعليم کانسواءِ اسين اڳتي نٿا وڌي سگھون. پ پ ڪرپشن، اقربا پروري، زمينن تي قبضن، غريب عوام سان ظلم ۽ وسيلن جي نيلامي کي جھموريت جو نالو ڏنو آھي. سرداري ۽ جاگيرداري نظام بنيادي انساني حقن جو ڌاڙيل نظام آھي. ظالم سردار ۽ جاگيردار تعليم آڏو رڪاوٽ آھن. اسڪولن کي اوطاقون، مال جو وٿاڻ ۽ ڀانڊا بنايو ويو آھي. قبيلائي نظام ۾ روڊ، ڊرينيج، واٽر سپلائي ۽ ٻيون سھولتون نٿيون ڏنيون وڃن. وڏيرن ۽ جاگيردارن جي مرضي جي خلاف روڊ نٿا ٺھن. اسڪولن ۾ استاد ڊيوٽيون نٿا ڪن. عوام جي دولت کي حصا پتي ڪري لٽيو وڃي ٿو. ھن چيو ته پيپلزپارٽي عوام دشمن سردارن ۽ جاگيردارن جي سرپرست بڻيل آھي جنھن ڪري گذريل 15 سالن جي حڪمراني ۾ سنڌ باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ ترقي، امن ۽ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي نه وڌي سگھي. معصوم پريا، عمران جوکيو ۽ فضيلا سرڪي اغوا آھن. فاطمه ڦرڙو ۽ ٻيا ٻار زيادتين بعد بي رحمي سان قتل ڪيا ويا. وارثن ۽ عام ماڻھن جي وڏن احتجاجن باوجود معصوم نياڻيون ۽ نوجوان بازياب نٿا ڪرايا وڃن. ناظم جوکيو، فھميده سيال، دودو ڀيل، عثمان سومرو، قرت العين ۽ ٻين خونن سان انصاف نه ٿيو۔ قانون صرف غريب ماڻھن لاءِ آھي. سردارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن کان ڪو به پڇڻ وارو ناھي. اھي ڀلي ڪيترا به خون ڪري ڇڏين. ھن چيو ته تيل مھانگو ھجڻ ڪري غريب عوام 2 وقت جي ماني لاءِ پريشان آھي. پاڻي کوٽ، زرعي تباھي، بيروزگاري ۽ مھانگائي جي ڪري غربت وڌي وئي آھي.