عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ جي اقليتي برداري سان تعلق رکندڙ پ پ اڳواڻ دليپ مولچنداڻي چيو آھي ته سنڌو تي ڪئنال اڏڻ جي مخالفت صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪري چڪو آھي زمينن جي الاٽمينٽ نگران حڪومت ڪئي پ پ حڪومت جو ڪو ڪردار ناھي اھڙو اظھار دليپ مولچنداڻي عمرڪوٽ ۾ مولچنداڻي ھائوس تي سڏايل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو آھي سوالن جا جواب ڏيندي ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي دليپ مولچنداڻي چيو ته عمرڪوٽ ۾ اقليتي برادري 54 سيڪڙو آھي اھا لال مالھي کي نه پر پ پ کي سپورٽ ڪري ٿي الزام هڻندڙ ۽ ڪردار ڪشي ڪندڙ لال مالهي نواب يوسف سان 2003ع ۾ ملاقات ڪئي ۽ ان ڏينهن کان لال جي سياسي سماجي ۽ معاشي ترقي شروع ٿي آھي لال مالهي عمرڪوٽ ۾ جن رستن تي هلي پيو اهي ڪارپيٽ روڊ پي پي جو ڏنل تحفو آهن ضلعي ۾ پ پ حڪومت رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن عمرڪوٽ مان چونڊيل صوبائي وزير سردار شاھ جي ڪوششن سان پ پ جي سنڌ حڪومت 60 ھزار نوڪريون ڏنيون نواب يوسف ٽالپر قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي پاڻي اين ايف سي ۽ زراعت جو دفاع ڪيو لال مالھي ٻه ڀيرا ايم اين اي رھيو پر ڪجھ به ڪري نه سگھيو ٻيو ته ٺھيو پر لال مالھي پنھنجي برادري کانسواءِ ڪنھن کي پٽيوالي جي نوڪري به ڏئي نه سگھيو آھي ھن چيو ته اقليتن جو تحفظ ھميشه پ پ ڪيو آھي مخالفن جي دور ۾ عوام شام پنج وڳي بعد گھر مان ٻاھر به نڪري نه سگھندو ھو 17 اپريل تي خبر پوندي ته عوام ڪنھن سان گڏ آھي پ پ اميدوار صبا ٽالپر وڏي ليڊ سان ڪامياب ٿيندي پ پ مخالف اميدوار اليڪشن مھم دوران ڪوڙن مفروضن تحت عوام کي گمراھ پيو ڪري پر سوڀ پ پ جي ٿيندي سترنھن اپريل جو ڏينھن ثابت ڪندو ته عمرڪوٽ ضلعو پ پ جو قلعو آھي ۽ رھندو.