اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ آصف زرداري سنڌ جو پاڻي کپائي هاڻ واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ استحڪام پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته جڏهن ملڪ ۾ پيسو نه هوندو، افراتفري هوندي، دفاع ڪمزور هوندو ته ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو، رياست جي تعريف ڇا آهي؟ رياست مجلس شوريٰ آهي، فوج، انٽيليجنس ايجنسيون رياست جا اوزار آهن، هي ته ائين آهي جيئن چوڪيدار اٿي چئي ته گهر مان هلائيندس. هن چيو ته بلوچستان وارا چون ٿا جبري گمشدگيون ختم ڪيو ۽ اسان کي پنهنجي وسيلن تي حق ڏيو، سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ئي نه ٿيو، آصف زرداري سنڌ جو پاڻي کپايو ۽ هاڻ واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته جعفر ايڪسپريس سانحو انٽيليجنس جي ناڪامي هئي پر انٽيليجنس وارا اسان جي ۽ ميڊيا جي ڪَڍ لڳل آهن.