ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان ملڪ کي آرمي چيف حوالي ناهي ڪيو، وزيراعظم جو ڪردار اهڙو آهي جنهن کي تسليم ڪيو وڃي، آئين پنجاب ۽ ڪي پي جي وڏن وزيرن کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار ڏئي ٿو، ڀارت ۾ صوبن ۾ الڳ چونڊون ڪرايون وينديون آهن، لڳي ٿو ته حڪمران ڌر پاران ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي، جنهن آئين تي پيپلز پارٽي فخر ڪندي هئي، اڄ انهي آئين تي حملا ٿي رهيا آهن. پيپلز پارٽي جو وفاقي حڪومت ٺاهڻ وارو موقعو ختم ٿي ويو، هاڻي اها سنڌ ۾ به مشڪل سان کٽي سگهي، ڇو ته سنڌ ۾ به تبديلي ايندي، ڪالهه اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل پاران ڏنل افطار ڊنر جي موقعي تي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدر ججن لاءِ ٿيل نئين قانونسازي بابت آئيني ماهرن سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن، عمران خان فيصلو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ آئين سان گڏ بيٺل رهندي. هن نواز شريف کي مخاطب ٿي چيو ته توهان 50 رپين جي اسٽامپ پيپر تي ڪوڙي رپورٽ ٺاهي ٻاهر ويا، هاڻ ججن کي ڌمڪائي رهيا آهيو، اسان جي حڪومت ختم ٿي پر اسان ڪنهن کي به ڌمڪيون نه ڏنيون، اسان پنهنجي سياسي جدوجهد ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، ججن خلاف مهم هلائڻ وارن سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي، متان اهو ڪم نواز شريف ڪرائيندو هجي. هن چيو ته هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي مان پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جو وجود ختم ٿي چڪو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ کين ڀرپور شڪست ملندي، پي ٽي آءِ ايندڙ چونڊن ۾ سوئيپ ڪري حڪومت قائم ڪندي، عمران خان وزير اعظم ٿيندو. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير ججن کي دٻاءُ ۾ رکڻ لاءِ ريفرنس داخل ڪرڻ جو اشارو ڏنو، اليڪشن ملتوي ڪرڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته آئين ۾ واضح آهي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻيون آهن، هن چيو ته قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو حق آهي پر وقت جي وڏي اهميت هوندي آهي، هن وقت ججن کي دٻاءُ ۾ وجهڻ ۽ اليڪشن نه ڪرائڻ لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پيپلزپارٽي آئين ۽ ايٽمي اثاثن وارن معاملن تي فخر ڪندي آهي پر اڄ اها ٻنهي معاملن تي خاموش آهي، ڀٽو ۽ زرداري جي قيادت ۾ فرق آهي، زرداري ۽ بلاول پنهنجي ٺاهيل آئين جي شڪل بگاڙي رهيا آهن.