سڪرنڊ(ن پ ا) ٿنڪرز فورم جي چيئرمين منير شاهه ذاڪري چيو آهي ته پ پ کي گهرجي ته هاڻ هو مصلحتن، مجبوري، آسرن ۽ اميدن کي ڇڏي سنڌ جي مادر وطن جي حيثيت ۾ وفاق وٽ نمائندگي ڪري، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ا هو به صحيح آ ھي ته پ پ وفاقي ۽ پارلياماني سياست ڪندڙ پارٽي آهي، پر قيادت کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته سندس سموري سگھه صرف صرف سنڌ آھي، هن چيو ته وفاقي پارٽي ھئڻ جي حيثيت ۾ ڀلي سندس آئين توڙي منشور ۾ سنڌ صرف هڪ صوبو هجي پر پارٽي جو هر هڪ باضمير ۽ غيرتمند سنڌي پنھنجي سنڌ کي ڌرتي ماءُ سمجهي نه رڳو ساڻس محبت ڪري ٿو پر سنڌ سندس قومي غيرت جو حصو آهي، هن چيو ته اڄ سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنالن ۽ پاڻي جي ورڇ تي جتي پارٽي جي سنڌ قيادت ۽ مرڪزي سنڌي قيادت هڪڙو بيان ڏئي رهي آهي، اتي پارٽي جي باقي صوبن جي ليڊرن، ايم پي، ايز، ايم، اين ايز ۽ منسٽرن خاص ڪري پنجاب صوبي مان پ پ جي ڪنهن به عھديدار نه ئي اسيمبلي ميمبر ميڊيا ۾ ڪا ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي آهي ۽ نه وري اتي ڪو پارٽي پاران احتجاج ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آڏو هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ کيس عرض رکندس ته هو عيد کانپوءِ سنڌ ۾ نه پر پنجاب ۾ سنڌو درياءَ تي نڪرندڙ ڪئنالن تي جلسا جلوس ڪري ۽ مهم هلائي ان کي ختم ڪرائي.