لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ رفعت راجه مختار جي منظوريءَ سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شيرازي کي بدلي ڪري سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ٿي وڃي ۽ سندس جاءِ تي چارج ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان جي حوالي ڪئي ٿي وڃي. واضع رهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪافي عرصي کان وٺي بدامني جي باهه سبب عام شهري توڙي واپارين کان سرعام ڏينهن ڏٺي ڏوهاري وارداتون معمول بڻيل آهن. تازو لاڙڪاڻو پوليس طرفان هڪ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ شادي هال، بئڪري، ميڊيڪل اسٽورن ۽ هوٽلن جي مالڪن ۽ دوڪاندارن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته هو سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائن عمل نه ڪرڻ تي هو پاڻ ذميوار هوندا جنهن معاملي جو پيپلز پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت نوٽيس ورتو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري طرفان لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان رابطو ڪري کيس هدايت ڪئي هئي ته ايس ايس پي کي هٽايو وڃي جنهن کان پوءِ آءِ جي سنڌ لاڙڪاڻي ۾ بدامني جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي هٽائي ڇڏيو آهي.