سجاول (رپورٽر) بلاول ڀٽو زرداري جي سجاول آمد، بلاول جيالن ۽ عوام کي مايوس ڪري بدين طرف روانو ٿي ويو. سجاول ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي آمد ھڪ پاسي پيپلز پارٽي جي ضلعي قيادت ۽ شيرازي برادران ۾ اختلاف پڌرا ڪري ڇڏيا ته ٻئي پاسي سندس دورو عوام ۽ جيالن لاءِ به مايوس ڪندڙ رھيو، پيپلز پارٽي ضلعي سجاول پاران بلاول ڀٽو زرداري جي استقبال لاءِ پبلڪ پارڪ وٽ گذريل رات کان ڪيمپ قائم ڪئي وئي جتي سڄي رات جيالا پنھنجون ننڊون ڦٽائي اوجاڳا ڪندي نظر آيا ۽ صبح جو ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي جي قيادت ۾ جيالا ۽ سون جي تعددا ۾ عوام پبلڪ پارڪ تي بلاول ڀٽو زرداري جي ھڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ گڏ ٿي ويا پر ھو سجاول ۾ عوام سان مخاطب ٿيڻ بدران پ پ پ سجاول جي ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي سان ھٿ ملائي بدين طرف روانو ٿي ويو، سجاول ۾ پيپلز پارٽي ضلعي قيادت ۽ شيرازي برادران ۾ اختلاف پڻ ان وقت پڌرا ٿي پيا جڏھن پيپلز پارٽي ضلعي سجاول پاران پ پ پ سجاول جي ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي جي قيادت ۾ پبلڪ پارڪ تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو استقبال ڪيو ويو، جڏھن ته شيرازي برادران پاران سيد شفقت حسين شاهه شيرازي جي اڳواڻي ۾ سيدپور وٽ استقبالي ڪئمپ لڳائي بلاول ڀٽو زرداري جو استقبال ڪيو ويو ھو.