حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ حيدرآباد جي دوري تي پهچندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٺٽي کان ٿيندو بدين ۽ بدين کان ٽنڊي محمد خان کان ٿي فتح چوڪ حيدرآباد پهچندو جتي ڪارڪنن کي خطاب جو به امڪان آهي. بلاول ڀٽو زرداري پ پ سينيٽر مولابخش چانڊيو سان سندس پوٽي جي انتقال تي هٿ فاتحه به ڪندو. پ پ چيئرمين جي حيدرآباد آمد جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ پ پ حيدرآباد ضلعي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هڪ اجلاس ضلعي صدر ۽ ڊپٽي ميئر صغير قريشي جي صدارت هيٺ سندس رهائشگاهه تي ٿيو. ڪافي وقت اختلافن جو شڪار رهندڙ پ پ جي ضلعي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ پ پ سينيٽر مولابخش چانڊيو سميت ٻيا اڳواڻ گڏ ويٺل نظر آيا. اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي دوري تي يادگار بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو.بئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري (اڄ) ٺٽي، سجاول ۽ بدين دوري تي اچي رھيو آھي بلاول ڀٽو زرداري جي اڄوڪي دوري جي سلسلي ۾ پ پ ضلعي ٺٽي پاران گڏجاڻي سڏائي پارٽي چيئرمين جي استقبال ڪرڻ واري پروگرام کي حتمي شڪل ڏيندي پارٽي چيئرمين جي ٺٽو سجاول مڪلي باءِ پاس پھچڻ بعد محسن ھائوس تي شاندار استقبال ڪيو ويندو ۽ پڻ استقبالي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آھن جڏھن ته پارٽي چيئرمين ڀلاول ڀٽو زرداري ٺٽو مڪلي پھچڻ بعد پ پ سنڌ جي رڪارڊ واقعات سيڪريٽري ۽ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو سان سندس فوت ٿي ويل ڀائٽي ۽ ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي وائس چيئرمين ممتاز علي جلباڻي سان سندس چاچي جي فوت ٿيڻ تي ساڻن مڪلي ۾ تعزيتون ڪرڻ بعد سجاول روانو ٿيندو جتي پڻ پارٽي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جو سجاول پبلڪ پارڪ تي پھڇڻ کان اڳ شيرازي ڀائرن پاران سيدپور ۾  سندس والھانو استقبال ڪرڻ لاءِ تياري مڪمل ڪئي وئي آھي بئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين اڄ سجاول پهچندو، پ پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري موجب پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پبلڪ پارڪ سجاول وٽ پ پ پ ضلعي سجاول جي صدر محمد علي خان ملڪاڻي جي قيادت ۾ هزارين جيالا پنهنجي قائد جو شاندار استقبال ڪندا.