اڏيرولال(ن پ ا) جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ حسين شاهه فاضلاڻي ۾ پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پ پ پ هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهي، جيڪڏهن پ پ پ چاهي ٿي ته سنڌو درياهه تي ڪئنال نه ٺهن ته هو پهرين فرصت ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڇهن ڪئنالن خلاف رٿ پيش ڪري ۽ کليل مخالفت ڪري. هن چيو ته هن وقت وفاق ۾ وڌ کان وڌ پ پ پ حصيدار بڻيل آهي ۽ بلوچستان ۾ به پ پ پ جي حڪومت آهي، ان ڪري پ پ پ اسيملبين ۾ سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف رٿون پيش ڪري، ٻي صورت ۾ اهو تصور ڪيو ويندو ته پ پ پ سنڌو درياه مان نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن جي حامي آهي. هن چيو ته صدارتي هائوس مان جاري ٿيل چولستان جي ريگستان کي آباد ڪرڻ واري فرمان کي اسان ۽ سنڌ جو سڀئي قومپرست ڌريون ۽ سنڌي عوام رد ڪريون ٿا. سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڇهه ڪئنال مڪمل طور سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آهن، اسان انهن ڪئنالن کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا، سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو ۽ اسان جو ساهه آهي، سنڌ جو عوام اهو نه چاهيندو ته اسان پنهنجي جياپي کي پنهنجن هٿن سان ٻين حوالي ڪري ڇڏيون، هر صورت ۾ وفاق ۽ صدارتي هائوس مان جاري ٿيل فرمانن کي رد ڪيون ٿا ۽ اسان جو مطالبو آهي ته فوري طور تي جاري ڪيل شاهي فرمانن کي رد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان هر محاذ تي سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڪئنالن خلاف آواز بلند ڪنداسين ۽ مرڻ گهڙي تائين احتجاج جاري رهندا.

 

هن چيو ته سنڌو درياهه مان نڪرندڙ صرف هڪ ڪئنال چولستان جي ڊيگهه 176 ڪلوميٽر، 300 فوٽ ويڪر، 150 فوٽ اونهائي آهي ۽ صرف چولستان ڪئنال 48 لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪندو، جڏهن ته اهڙا پنج ٻيا ڪئنال آهن جيڪي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ ايڪڙ کان وڌيڪ زمين کي آباد ڪندا. جيڪڏهن سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ کي پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه ملندو، ايستائين جو زمين جو جر به زهريلو ٿي ويندو، پاڻي جو جر خراب ٿيڻ سان مختلف بيماريون منهن پڻ ڪڍنديون، جنهن ڪري ماڻهن سان گڏ ٻي جيوت به پاڻي ڦڙي لاءِ ترسندي، سنڌ کي بنجر بڻائڻ لاءِ سنڌو درياهه مان ڇھه ڪئنال ڪڍي سنڌي عوام کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي، ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو منظور ناهي، سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ خلاف جسقم پوري سنڌ ۾ مختلف تاريخن تي احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو اعلان ڪيو آهي، هن چيو ته جيڪي به سياسي ڌريون چاهين ٿيون ته سنڌو درياهه مان ڪئنال نه نڪرن ته کين نڪرڻو پوندو. هن چيو ته 29 نومبر تي ٽنڊوالهيار ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي عوام کي آگاهي مهم ڏني ويندي ۽ 15 ڊسمبر تي قاضي احمد ۾ ڌرڻو هڻي پنجاب ويندڙ رستن کي بند ڪيو ويندو. ان موقعي تي سيد شاهنواز شاھ، باغي ڪالرو، الطاف بجاراڻي، هاشم بلوچ، سچيڏنو ساھووال ۽ ڪائونسلر مراد شهداد بلوچ به ساڻس گڏ هئا.