پ پ پ لاءِ سنڌ ۾ سياسي چيلينج ۽ مشڪلاتون

0
64
پ پ پ لاءِ سنڌ ۾ سياسي چيلينج ۽ مشڪلاتون

جنرل مشرف جي آمريتي دور ختم ٿيڻَ ۽ محترمه بينظير ڀُٽو جي شهادت کانپوء زرداري جي قيادت ۾ ٻين صوبن کان هٽي ڪري پ پ سنڌ اندر ظاهري طرح پنهنجو پاڻَ کي اهڙو ته مضبوط ڪيو جو پندرنهن ورهين کان انجي متبادل ۽ مقابلي لاء  ڪابه سياسي پارٽي پاورفل نه ٿي سگهي آهي. ان عرصي دوران سنڌ ۾ ڪيتري  تعليم صحت روڊ رستن زراعت انڊسٽري ڪيتري ترقي ڪئي، عوام جي سامهون آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ ۾ ن ليگ پ پ خلاف سياسي جنگ وڙھي رهي آهي. جڏھن جنرل مشرف طرفان نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪري کيس ڏھن سالن لاءِ نااهل ڪرڻَ سان گڏوگڏَ جلاوطن ڪيو، ان دوران جنرل مشرف بينظير ڀٽو جي وطن واپسي تي پابندي لڳائي ڇڏي ۽ ن ليگ سربراه جلاوطني دوران محترمه بينظير ڀُٽو سان سمورا سياسي اختلاف ختم ڪري ميثاق جمهوريت نالي معاهدو ڪيو. ان دوران پ پ ۽ ن ليگ ۾ سياسي هم آهنگي رهي. جڏھن سن 2013 ۾ نواز شريف وزير اعظم بڻيو ته عمران خان پاران اسلام آباد ۾ لڳايل ڌرڻي ۾ مفاهمتي ڪردار ادا ڪندي نواز شريف کي ان مشڪل وقت ۾ بچايو. جڏھن عمران خان وزير اعظم ٿيو ته انجي حڪومت کي ختم ڪرڻَ ۾ ن ليگ ۽ پ پ گڏجي اهم ڪردار ادا ڪيو. پي ڊي ايم واري پليٽ فارم تان پندرنهن مهينن جي سرڪار ۾ هڪ ٻئي جا ٻانهن ٻيلي رهيا پر پندرنهن سالن جي ن ليگ ۽ پ پ جي اتحاد ۾ وڏا ڏار پئجي ويا آهن ۽ ن ليگ طرفان 2024 جي قومي اليڪشن جو وقت ويجهو ايندي ئي پ پ خلاف سنڌ ۾ وڏو سياسي محاذ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ گادي واري شهر ڪراچي کي سرگرمين جو مرڪز ٺاهيو ويو آهي، جتي ايم ڪيو ايم، ف ليگ، قومپرستن سميت ٻين مختلف ننڍن ننڍن سياسي اڳواڻن سان صلاح مشورا ۽ سياسي مفاهمت ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاء ڳالهيون جاري ساري آهن، جنهن ۾ ن ليگ قيادت طرفان پارٽي جي صوبائي صدر بشير ميمڻ کي پ پ خلاف محاذ جوڙڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ۽ بشير ميمڻ جي سياسي سرگرمين مان پ پ قيادت ظاهري طرح خوفزده نظر اچي رهي آھي. نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ پ پ خلاف ٺھيل محاذ جي اهم اڳواڻن فهميده مرزا، ذوالفقار مرزا ۽ ٻين جا فارم رد ڪيا ويا آهن، جيڪا خبر پ پ لاءِ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿي.

اليڪشن ڪميشن پاران ملڪ ۾ قومي اليڪشن ڪرائڻ واري اعلان کانپوءِ خاص طور سنڌ صوبي ۾ پ پ جي حمايتي وڏن سياسي ڀوتارن جي ننڊ ان ڪري حرام ٿي وئي آهي ته گذريل ٽن ورهين کان صوبي کي مسئلستان بڻائيندڙ سياستدان  پريشان آهن. خراب ڪارڪردگين سبب عوامي غصي ۽ ڪاوڙ کي ڏسي ڪري پنهنجن پنهنجن تڪن ۾ اليڪشن مهم خطري ۾ ڏسي کين وڏيون پريشانيون سامهون اچي ويون آهن ته ڪهڙي نموني سان صوبي جي ڏُتڙيل عوام مهانگائي بُک بدحالي ٻوڏن ۾ ٻُڏل  بي گهر ٿيل مسئلن جي ماريل ماڻھن کان ووٽ جي گُھر آخر ڪيئن ڪجي! ان لاءِ آصف زرداري طرفان پ پ جي ڪريل ساک بچائڻَ ۽ اليڪشن کٽڻَ لاءِ فارمولو طئي ڪري ڇڏيو آھي ته ان کان پهرين سياسي نمائندن خاص ڪري سنڌ جي ڀوتارن جي ڀر وٺڻ جون پوري سنڌ ۾  ضلعي، تعلقي ۽ يوسي سطح تائين پ پ قيادت کي هدايتون ڏنيون ويون آهن، جنهن سرداري نظام جي گرفت ۾ جڪڙيل سنڌ جي ننڍن ننڍن سردارن سان خفيه نموني ميٽنگن وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي پر پ پ خلاف پکڙيل عوامي غصي ۽ ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ پ پ لاء ڏاڍو مشڪل نظر اچي پيو. عوام هن وقت سخت ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ورتل آهي، جڏھن ته سنڌ صوبي جي غريب عوام سنڌ ۾ پ پ جي پندرنهن سالن جي بدترين ناقص حڪمراني، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، ٻوڏن ۾ گهرن کان بي گهر ٿيل هئڻ سبب سخت پريشان آهي. تڪ جي چونڊيل نمائندن چند ٽڪن عيوض ضمير وڪڻندڙ سردارن ۽ ڀوتارن کي اڳيان آڻي عوام جون حمايتون وٺڻ شروع ڪيون آهن. پي پي قيادت گذريل پندرنهن سالن کان اقتدار ۾ آهي پر عوام کي جيڪي تڪليفون پيش اچي رهيون آهن، ان حوالي سان پ پ ڪابه خاص ڪارڪردگي عوام آڏو پيش ڪري نه سگهي آهي. پ پ جي ناقص حڪمراني ۽ مهانگائي ماريل سنڌ صوبي جي عوام سان جيڪي ويساه گهاتيون ڪيون، سي عوام کان وسريون ناهن. ٽن ورهين تائين عوام کي سواءِ ڏُکن تڪليفن جي ڪُجھ نه ڏنو. چئن سالن کان سنڌ مسلسل ٻوڏن جي لپيٽ ۾ رهي پر پ پ پنهنجي صوبي جي بجيٽ ته خرچ نه ڪري سگهي پر عالمي ادارن طرفان سنڌ جي لکين ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل اربين رپين جو امدادي سامان ۽ رقمون هڙپ ڪيون ويون.