لاهور (م ڊ) پ پ پنجاب ۽ وفاق ۾ وزارتون وٺڻ لاءِ راضي ٿي وئي ۽ جولاءِ ۾ مرڪزي حڪومت ۾ باقاعدي شموليت جو امڪان آهي. نجي ٽي وي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته اقتداري حلقن پ پ کي راضي ڪري ورتوآهي ۽ پيغام ڏنو آهي ته حڪومت ۾ تبديلي جو ڪو امڪان ناهي ۽ ملڪ جي بهتري، ڪاميابي لاءِ سسٽم هلائڻو آهي ۽ اهو ئي سسٽم هلندو رهندو. اقتداري حلقن ٻنهي جماعتن جي مرڪزي قيادت کي هڪ پيج تي متحد به ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻين سياسي قوتن کي به هڪ پيج تي آندو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهيني ٻنهي جماعتن ۾ وزارتن جي ورڇ جو معاملو طئي ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ پ پ وفاق جو حصو بڻجي ويندي. ذريعن موجب ايندڙ مرحلي ۾ پ پ پنجاب حڪومت جو پڻ حصو بڻجندي، ان حوالي سان ٻنهي جماعتن ۾ بيڪ ڊور رابطا شروع ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڳالهيون جلد شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.