ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي طرفان 24 مئي تي ڪراچي ۾ عام جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني جي صدارت ھيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پ پ ڪراچي جي ميزباني هيٺ رٿيل عوامي جلسي کي پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو خطاب ڪندو جلسي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص سميت مختلف ضلعن جا ڪارڪن شرڪت ڪندا.