ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)  پ پسنڌ جي صدر نثار کھڙو سنڌ ۾ قومي ۽ سنڌ اسيمبلي جي تڪن تي پارٽي طرفان نامزد ڪيل اميدوارن کانسواءِ ٻين بيٺل پارٽي اڳواڻن کي ھٿ کڻڻ جي ھدايت ڪئي آهي،  هڪ بيان ۾ هن چيو ته نامزد ڪيل اميدوارن کانسواءِ مختلف تڪن تي فارم ڀرائيندڙ  پ پ اڳواڻ ھٿ کڻي اهڙي رسيد پارٽي وٽ جمع ڪرائين، پارٽي فيصلي جي لتاڙ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ھن چيو ته پ پ 8 فيبروري تي پوري ملڪ ۾ سرپرائيز ڏيندي،