ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، جنهن مطابق سنڌ مان جنرل سيٽن تي ڪاظم شاھه، اشرف جتوئي، مسرور احسان، نديم ڀٽو، سرفراز راڄڙ ۽ دوست علي جيسر ھوندا. ٽيڪنوڪريٽس جي سيٽ تي سنڌ مان بئريسٽر ضمير گھمرو ۽ سرمد علي ھوندا.  عورتن واري سيٽ تي قرت العين عرف عيني مري ۽ روبينا قائم خاني اميدوار ھونديون اھڙي ريت غير مسلم واري سيٽ تي وڪيل پونجو ڀيل اميدوار آھي. بلوچستان مان اجمل ولي خان پ پ ۽ اي اين پي جو گڏيل اميدوار ھوندو، جان محمد بليدي پ پ ۽ اين پي جو گڏيل اميدوار ھوندو، چنگيز خان جمالي ۽ سردار عمر گورگيج جنرل سيٽن تي اميدوار آھن، ٽيڪنوڪريٽس  جي سيٽ تي بلال مندوخيل ۽ عورتن جي سيٽن تي عشرت بروھي ۽ ڪرن بلوچ اميدوار آھن. ڪي پي مان روبينا خالد، پـجاب مان فائزا احمد ملڪ ۽ اسلام آباد مان رانا محمود الحسن اميدوار آھن. ٻئي طرف سنڌ جي سينيٽ جي 12 سيٽن تي ڪالھه صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ رٽرننگ آفيسر شريف الله جي آفيس ۾ سنڌ جي سينيٽ ۾ 12 سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهرين ڏينهن مختلف پارٽين جي اميدوارن جو نامزدگي فارم وٺڻ جو سلسلو جاري رهيو، 200 اميدوارن فارم وصول ڪيا پر ڪنهن به فارم جمع نه ڪرايو، اڄ ڇنڇر ڏينهن ٽين وڳي تائين اميدوار پنهنجا فارم وصول ۽ جمع ڪرائي سگهندا. فارم وصول ڪندڙن ۾ پي ٽي آءِ جو اڳوڻو وفاقي وزير فيصل واوڊا، پ پ جو مولا بخش چانڊيو، روبينه قائم خاني، مسرور احسن، بئرسٽر ضمير گھمرو، سرمد علي، گھنور اسراڻ، تحريڪ انصاف جي عبدالوهاب سميت ٻيا نامزدگي فارم حاصل ڪرڻ وارن ۾ شامل هئا. آچر 17 مارچ تي فارم حاصل ڪرڻ وارن جي فهرست جاري ڪئي ويندي، 19 مارچ تي فارم جي اسڪرونٽي ڪئي ويندي.21 مارچ تي فارم جي منظوري يا رد ٿيڻ خلاف ٽربيونل ۾ اپيلون داخل ڪيون وينديون. جڏهن ته 25 مارچ تي ٽربيونل ۾ اپيلن تي فيصلو ڪيو ويندو. صوبائي اسميبلي ۾ 2 اپريل تي صبح 9 کان شام 4 وڳي تائين پولنگ ٿيندي. سنڌ ۾ سينيٽ جون 7 جنرل، ٻه عورتن، ٻه ٽيڪنوڪريٽ ۽ هڪ اقليت جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي.

سينيٽ چونڊون: رضا رباني ۽ مولابخش چانڊيو آئوٽ

ڪراچي: سينيٽ ۾ سنڌ مان ڪيترائي ڀيرا ڪامياب ٿيندڙ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني سميت ڪيترائي اھم اڳواڻ آئوٽ ٿي ويا ـ رضا رباني ۽ مولا بخش چانڊيو ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا سينيٽر رھيا پر انھن کي ھن ڀيري پ پ پاران سينيٽ ۾ اميدوار طور شامل ناھي ڪيو ويو ـ اھڙي ريت عاجز ڌامراھ ۽ سسئي پليجو پڻ سينيٽ ۾ سنڌ جي حوالي سان سگھارو موقف رکندڙ ميمبر رھيا ھئا ـ انھن کي پڻ سينيٽ جي ٽڪيٽ ناھي ملي ـ ذريعن موجب سسئي پليجو سينيٽ بدران ميرپور ساڪرو واري تڪ تان اليڪشن وڙھڻ جي لاء ٽڪيٽ جي درخواست ڏني ھئي پر پارٽي قيادت پاران سندس جاء تي علي حسن زرداري کي ٽڪيٽ ڏنو ويو ھو ـ جڏهن ته عاجز ڌامراھ پڻ حيدرآباد واري تڪ تان صوبائي اسمبلي جي ٽڪيٽ لاء درخواست ڏني ھئي جنھن کي پارٽي پاران اليڪشن ۾ ٽڪيٽ ڏني وئي ھئي پر ھو ڪامياب نه ٿي سگھيو ـ انھي ڪري انھن سينيٽ جي لاء درخواست نه ڏني ھئي ـ پر سدائين سينيٽ جو حصو رھندڙ رضا رباني ۽ مولا بخش چانڊيو پڻ ھن ڀيري آئوٽ ٿي ويا آھن ـ