حيدرآباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان سنڌو درياء تي 6تڪراري ڪئنالن خلاف اڄ جمعي جي ڏينھن 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ ھٽڙي باء پاس تي احتجاجي جلسو ٿيندو جلسي جون تياريون مڪمل جلسي لاء اسٽيج تيار ٿي ويو ۽جلسي گاھ ۾ پ پ ڪارڪنن لاء ڪرسيون به رکيون ويون  ۽ ميڊيا جي ڪوريج لاء ڪنٽينرن تي پريس گئلري به ٺھيل ۽ جلسي جي لاء سيڪورٽي لاء سوين پوليس اھلڪار مقرر ڪياويا جلسي گاھ ۾ داخل ٿيندڙ پ پ ڪارڪنن لاء گيٽ قائم ڪياويا جتي سيڪورٽي چڪاس بعد جلسي گاھ ۾ داخل ٿيندا جلسو شام جو 6 وڳي شروع ٿيندو جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پ پ جي مرڪزي اڳواڻ فريال ثالپر  پ پ سنڌجو صدر نثاراحمد کھڙو سنڌجو وڏو وزير سيد مرادعلي شاھ سيئنر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبائي وزير ڄام خان شورو پ پ جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراھ سميت پ پ جا اڳواڻ خطاب ڪندا سنڌجي اطلاعات کاتي جي سيئنر وزير شرجيل انعام ميمڻ جلسي گاھ جو دؤرو ڪيو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيوته ھي تاريخي جلسو ھوندو اسان سنڌو درياء تي تڪراري ڪئنالن کي ڪنھن به صورت ۾ ٺھڻ ڪونه ڏينداسين ڪينالن کي رد ڪريون ٿا سنڌجي صوبائي وزير ڄام خان شورو به جلسي گاھ جو دؤرو ڪيو صوبائي وزير ڄام خان شورو چيوته سنڌو درياء ۾ پھريان ئي پاڻي جي سخت کوٽ آھي ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ واري اڏامي رھي آھي سنڌو درياء تي تڪراري ڪئنالن کي ڪنھن به صورت ۾ ٺھڻ جي اجازت ڪونه ڏينداسين اڄ حيدرآباد ۾ پ پ جو احتجاجي جلسو عوامي ريفرنڊم آھي پ پ سنڌجي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراھ به جلسي گاھ جو دؤرو ڪيو جڏھن ته ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد جلسي گاھ جو دؤرو ڪري سيڪورٽي پلان تيار ڪري ڇڏيو جلسي جي سيڪورٽي لاء سوين پوليس اھلڪار به مقرر ڪيل آھن ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو جوچؤڻ آھي ته سيڪورٽي لاء پوليس کي مقرر ڪيو ويو آھي سيڪورٽي جا انتظام مڪمل آھن. ٻئي پاسي پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامرا طرفان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري طرفان حيدرآباد ۾ ٿيندڙ تاريخي جلسي جي حوالي سان حيدرآباد ۾ شھبازبلڊنگ کان سٽي گيٽ تائين موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شامل پ پ ڪارڪنن جي ھٿن ۾ پ پ جاجھنڊا کنيل ھئا ريلي شھباز بلڊنگ کان گل سينٽر ايس ايس پي چؤڪ حيدرچؤڪ کان گول بلڊنگ سرفراز چاڙھي تلڪ چاڙھي روڊ سول اسپتال روڊ کان ٿيندي سينٽرل جيل جي سامھون سٽي گيٽ تي پھتي جتي ريلي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ عاجز ڌامرا چيوته 18 اپريل تي حيدرآباد وارو جلسو صرف سياسي ميڙاڪو ناھي ھي پنجاب جي چولستان ۾ نڪرندڙ 6ڪئنالن خلاف سنڌجي عوام جو ريفرنڊم آھي جلسي ۾ لکين ماڻھو شرڪت ڪندا جلسي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري تاريخي خطاب ڪندو ھن عوامي کي جلسي ۾ شرڪت جي اپيل ڪندي چيوته ھي احتجاجي جلسو سنڌو درياء کي بچائڻ ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف تاريخي جلسو ٿي رھيو آھي ان ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا.