ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) پ پ پاران سنڌ ۾ اليڪشن جون تياريون شروع: اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران پارٽي اڳواڻن کي ٽاسڪ سونپيا ويا، ان ڏس ۾ پ پ جي ڪو چيئرمين آصف زرداري ڪالهه رات بلاول هائوس ۾ پ پ جي سينئير اڳواڻن سينيٽر نثار کهڙو، مراد شاهه، خورشيد شاهه، سيد قائم علي شاهه، مولابخش چانڊيو، ناصر شاهه، شرجيل ميمڻ، سعيد غني اسپيڪر سراج دراني، سليم مانڊوي والا، شيري رحمان، تاج حيدر سان اهم ملاقاتون ڪيون ، ذريعن موجب آصف زرداري پارٽي اڳواڻن کي ضلعي سطح تي رابطا مهم شروع ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي