ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سعديه جاويد پاران ڀارتي جارحيت خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائي وئي آهي. پيپلز پارٽي ايم پي اي سعديه جاويد پاران سنڌ ايمبلي ۾ جمع ڪرايل قرارداد جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارتي جارحيت پاڪستان جي خومختياري تي حملو آهي، معصوم شهري، عورتن ۽ ٻارڙن کي بزدلاڻي حملي جو نشانو بڻايو ويو، قرارداد ۾ سعديه جاويد وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ڀارتي حملو انساني حقن ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي، هن چيو ته پاڪستاني فوج کي موثر ۽ مڪمل جواب ڏيڻ جو اختيار حاصل آهي، هن چيو ته ايوان ۽ سنڌ حڪومت پاڪ فوج ۽ پاڪستاني حڪومت سان مڪمل اظهارِ يڪجهتي ڪري ٿي.