اسلام آباد(م ڊ) پ پ پاران ڳالهين جي آجيان ڪئي وئي آهي، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته سٺي ڳالهه آهي. ڪپتان، شهبناز شريف آهي، فيصلا ان کي ڪرڻ گھرجن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان سمورين پارٽين کي سمورا اختلاف وساري ملڪ لاءِ ويهڻ گھرجي. هن چيو ته وزيراعظم کي ڳالهين جي اڳواڻي ڪرڻ گھرجي. سياسي پارٽين ۾ اتحاد نه ٿيڻ جي ڪري دهشتگردي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ڪو فيصلو ڪندو ته سندس ساٿ ڏينداسين. ڏکئي وقت ۾ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي وڃڻ گھرجي.