ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) متحده سنڌ جي  نگران وزير يونس ڍاگا کان ناڻي ۽  رٿابندي وارا قلمدان واپس وٺڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ متحده اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال پاڪستان ھائوس تي پريس ڪانفرنس دوران الزام  هنيو  ته يونس ڍاگا کان پ پ جي فرمائش تي ناڻي ۽ رٿابندي جا قلمدان واپس ٿيا آهن،  جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آھي، اسان  کي خبر پئي آھي ته پ پ اهي کاتا پنهنجي حامي وزير  کي ڏيارڻ چاهي ٿي، جنهن کي رد ڪريون ٿا، هن چيو ته  يونس ڍاڳا کي اڳ ۾ ڪم ڪرڻ نه پئي ڏنو ويو، هاڻ وري 2 کاتن جا قلمدان  واپس ورتا ويا آهن،  ھن چيو ته سنڌ جو نگران وڏو وزير پنهنجي فيصلن ۽ سگنيچر( صحيح ) ذريعي اھو  محسوس نه ڪرائي ته ھو پ پ جو حمايتي وزير اعليٰ آھي، کيس اڻ ڌريو رھي پنهنجن فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ کپي