ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آھي ته آئون هرڪا گارنٽي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ته سنڌ سرڪار ۽ پ پ عوامي طاقت سان ڪئنال ٺهڻ نه ڏيندا، ڪئنال رٿا معاملو هٿن مان نڪري ويو ته اسان به احتجاج ڪنداسين، اسان کي احتجاج ڪرڻ جو تجربو آهي. پيپلز پارٽي اڳ ۾ به آمرن خلاف جنگ ڪئي آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته ٻيهر جنگ ڪري سگهجي ٿي. وڪيل ۽ قومپرست احتجاج ضرور ڪن پر روڊ بلاڪ ڪري ماڻهن کي تڪليف ڏيڻ کان پاسو ڪن، ماڻهن کي تڪليف ڏيندڙ ڪٿي ڪنهن جي هٿن ۾ ته نه کيڏي رهيا آهن؟وفاقي سرڪار جا اِن حد تائين ٿورائتا آهيون جو ايڪنڪ ۾ ڪئنال رٿا جي منظوري رُڪيل آهي، اِن ڳالهه تي ناخوش آهيون ته ڪئنال رٿا اڃا ختم نه ٿي آهي، وزيراعظم کي ڪئنالن جي نتيجن جي سنگيني جو اندازو آهي، اُميد ته وزيراعظم انصاف ڪندو،ڪارڊينل هائوس ۾ پوپ فرانسس جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي تڪراري ڪئنالن خلاف روڊن تي احتجاج ڪيو آهي، درياءَ جي اپ اسٽريم ۾ رهندڙن (پنجاب طرف اشارو) چولستان ڪئنال جو ڪوڙو افتتاح ڪري غلط فهميون پيدا ڪيون، اهڙي صورتحال سبب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو عوام سان سڌو رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن اصل حقيقتون واضح ڪري سگهجن. هن چيو ته اپوزيشن جماعتن ۽ قومپرستن پيپلز پارٽي جي احتجاج کان گهڻو پوءِ ڪئنالن خلاف احتجاج شروع ڪيا آهن، اسان سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر 2024 ۾ ڪئنالن جي مخالفت شروع ڪئي، سنڌ حڪومت جون 2024ع ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ پنهنجو موقف پيش ڪيو،جنهن جي نتيجي ۾ اهو منصوبو رڪجي ويو. وڏي وزير چيو ته اسان ڪئنال رٿا خلاف جدوجهد ڪندڙ سڀني جماعتن کي ڀليڪار ڪريون ٿا، ڇوته اسان جو مقصد ساڳيو آهي. هن چيو ته ڪئنال رٿا تڪراري آهي جيڪا رڳو صوبائي مفاد نه پر قومي مفاد جي خلاف آهي. آئون عدليه ۽ جمهوري نظام جي بحالي ۾ وڪيل برادري جي ڪردار جو احترام ڪريان ٿو پر اهو صحيح ناهي ته پ پ ڪئنالن خلاف آواز نه اٿاريو. هن سڀني جماعتن تي زور ڀريو ته ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ گهرجي پر روڊ بند نه ڪجن ۽ عوام کي تڪليف نه پهچائي وڃي. مراد علي شاهه انهن وڊيوز تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جن ۾ مظاهرين کي روڊ بند ڪندي ڏيکاريو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ايمبولينس ڦاٿيون، چوپائي مال جي واپارين کي کي پڻ پريشاني ٿي. هن چيو ته روڊ بند ڪرڻ وارو رويو غير مناسب آهي هن روڊ بند ڪرڻ بدران متبادل هنڌن تي احتجاج ڪرڻ جي تجويز ڏني. هن سوال ڪيو ته جڏهن ڪئنال تي ڪم بند ٿي چڪو آهي ۽ اسان هن منصوبي کي ڄاڻايل فورم تي منظور ٿيڻ نه ڏنو ته پوءِ روڊ ڇو بند ڪيا پيا وڃن ۽ عوام کي ڇو تڪليف ڏني پئي وڃي؟ مراد علي شاهه ٻڌايو ته وزيراعظم ترڪي مان واپسي تي منصوبي کي روڪڻ جو اعلان ڪندو، هن ميڊيا کي درخواست ڪئي ته اهي غلط معلومات پکيڙڻ کان پاسو ڪري، جيڪي صوبائي عوام ۾ وڌيڪ ڏڦيڙ پيدا ڪري سگهي. هوڏانهن هڪ خانگي چينل سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽيو جو مقصد وڌيڪ زمينون آباد ڪرڻ نه پر پيداوار وڌائڻ آهي، هن چيو ته ڪئنالن تي اسان جو به ساڳيو ئي موقف آهي، جيڪو احتجاج ڪندڙن جو آهي، هن چيو ته اسان ارسا جي چولستان ڪئنال بابت ڏنل سرٽيفيڪيٽ کي چيلنج ڪيو آهي، ارسا ۾ پنجاب جي درخواست آهي ته 27 ايم اي ايف پاڻي سمنڊ ۾ وڃي پيو، انهي ڪري ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت ڏني وڃي، اسان وٽ دليل آهن ته ٻڌايو وڃي ته نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندا؟ هن چيو ته پاڻي جو مسئلو پاڪستان جو ڀارت ۽ ڀارت جو چين سان آهي، اسان جو ڪنهن صوبي سان ڪو مسئلو ناهي پر اسين پنهنجي حقن جو تحفظ ته ضرور ڪنداسين، سنڌ جا ماڻهو هن منصوبي تي راضي ناهن، هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت مان هٿ ڪڍيا ته ڊگهو عرصو رهندڙ نگران حڪومت اچي ويندي