لاهور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پ پ واعدي تان نه ڦري ها ته هن وقت چونڊون ٿي وڃن ها. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته پ پ آخري وقت ۾ اچي فيصلي تان ڦري وئي هئي، ايم ڪيو ايم ۽ اختر مينگل سميت ٻين اتفاق راءِ سان فوري طور چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، پ پ آخري وقت ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي زور ڏنو هو. هن چيو ته ملڪ ۾ چونڊون فيبروري تي آخر تائين ٿينديون، جيڪي حالتون قبيلائي علائقن ۾ آهن، انهن ۾ چونڊ مهم هلائڻ ڏکيو آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي آڻيندڙن اعتراف ڪيو ته انهن جي ايجنڊا ڪا ٻي آهي، پي ٽي آءِ کي ان ڪري آندو ويو هو ته ملڪ کي معاشي طور ڪمزور ڪيو وڃي. فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته جمهوري ملڪن ۾ نگران حڪومتن جو تصور ئي ناهي.