ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌو بچايو تحريڪ جي سربراهه سيد زين شاھ چيو آهي ته سنڌ کي 1991ع ٺاھه تحت  41 سيڪڙو گهٽ 48 ايم ايم ايف پاڻي مليو آهي، انهي ٺاهه تي 4 سال عمل ٿيو،  1995ع ۾ پ پ حڪومت اھو معاھدو ختم ڪري تاريخي فارمولا آندو، جنرل مشرف گريٽر ٿل ڪئنال  ٺاھي نه سگهيو، پ پ حڪومت جون 2010ع ۾ انھي تڪراري ڪئنال جو افتتاح ٿيو، گريٽر ٿل ڪئنال جي فيز چوبارا ڪئنال  مان  6 لک 49 ھزار ايڪڙ ريگستاني زمين آباد ٿيندي، جن  ڪئنالن جو اڃا پروپوزل به ناھي ٺھيو،  انھن ڪئنالن جا گيجز موجود آھن،  پي ڊي ايم حڪومت  ارڙھين ترميم جو روح ختم ڪري ايس آءِ ايف سي ذريعي ون يونٽ لاڳو ڪري ڇڏيو، 3 آگسٽ 2023ع تي  ايس آءِ ايس ايف سي جو ايڪٽ پاس ٿيو، گرين پاڪستان انيشٽو  ۾ صوبائي اسم  زراعت ، چوپايو مال، معدنيات  صنعت، پاور ـ سياحت ـ آءَ ٽي ۽ ٻيا شعبا شامل ڪيا ويا آھن، سنڌ سرڪار عمرڪوٽ جي  پوڻا 2 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ  فارمنگ لاءِ ڏني آھي، انهي  نئين ڪمانڊ ايريا لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟  سنڌ سھائي سٿ پاران ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته  سنڌو درياءِ کي جيئرو رکڻ لاءِ قانونسازي  ٿيڻ گھرجي، هن چيو ته ڪارپوريٽ  فارمنگ لاءِ زمين ڏيندڙ  پ پ وارا 6 مھينا ڪئنال ٺهڻ کان انڪاري هئا، جسقم اڳواڻ  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي  چيو ته اسان درياءَ جا مالڪ آهيون، انهي باوجود سنڌ جا 14 ڪئنال سڪل ۽ پنجاب جا 42 ڪينال تار آهن نامياري رقاصا شيما ڪرماڻي چيو ته سنڌو ندي ديوي آھي، جنهن سان  ھزارين سالن جي تھذيب لاڳاپيل آھي، ڪئنالن جي اڏاوت ھڪ زنده تھذيب کي ختم ڪرڻ جي سازش آھي، ڪامريڊ بخشل ٿلھو  چيو ته ڪارپوريٽ  فارمنگ ۽ ڪئنال خلاف عوام ميدان جدوجهد ۾ آھي،  اسان کي گڏجي ھلڻو پوندو، قانوندان   ايڊووڪيٽ  شھاب اوستو چيو ته سنڌو بچائڻ لاءِ سنڌ جو ھر ماڻهو پاڻمرادو ميدان ۾ آھي،  ڪانفرنس کي ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، انعام شيخ، غلام رسول سوھو، انيتا پنجواڻي۔  مھناز رحمان ۽ ٻين خطاب ڪيو.