اسلام آباد(م ڊ) مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته  ڇهن ڪئنالن تي اعتراض اجايا آهن، جنهن کي اعتراض آهي اهو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ شڪايت ڪري. هن چيو ته ڊيم ٺاهڻ گهرجن، سنڌ طاص معاهدي تي ڀارت چوي ٿو ته پاڪستان ڊيم ناهن ٺاهيا پاڻي وهي ويندو آهي، آئون ۽ ن ليگ جي حڪومت خاطري ٿا ڪرايون ته سنڌ جي پاڻي جو هڪ ڦرو به هنن ڪئنالن ۾ استعمال نه ٿيندو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ وارا سي سي آءِ ۾ به اسان جا اتحادي هوندا آهن. سي سي آءِ جو اجلاس جلد ئي سڏايو ويندو. اجلاس ۾ هر سنجيده مسئلي تي ڳالهايو ويندو.