نواب شاھه( رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو زرداري ھائوس نواب شاھه ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سڀ کان وڏي عوامي پارٽي آھي، جنھن ۾ پارٽي اڳواڻن کان ويندي ڪارڪنن جو رت شامل آھي، 27 ڊسمبر ڳڙھي خدا بخش ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي تمام وڏو تاريخي جلسو منعقد ٿيندو، جنھن ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو، ھن چيو ته جلسي جون تياريون جاري آھن ان سلسلي ۾ نواب شاھه آيو آھيان، ھن چيو ته عوام کي اميدن جو مرڪز پاڪستان پيپلزپارٽي آھي ۽ اسان عوام جي خدمت ڪري رھيا آھيون، ھن پارٽي جي چونڊيل صوبائي ۽ قومي اسيمبلي اڳواڻن، يوسي چيئرمين، ٽائون ڪاميٽي، ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ميئر کي خبردار ڪندي چيو ته عھدا پارٽي جي امانت آھن ۽ پارٽي توھان کي عوام کي خدمت لاءِ چونڊيو آھي ان جي لاءِ عوام جي خدمت ڪيو ۽ عوام کي شڪايت جو موقعو نه ڏيو، جيڪڏھن شڪايت آئي ته ان جي خلاف سخت قدم کنيو ويندو، ھن چيو ته اڄ ڊويزن جي اجلاس کي ڏسي ۽ ڪارڪنن جي جوش ۽ جذبي کي ڏسي يقين ٿي ويو ته توھان بلاول ڀٽو کي وزير اعظم ڪندو، اجلاس کي ضلعي صدر سالم زرداري، علي حسن، مسرور راڄپر، ممتاز چانڊيو، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، علي حيدر شاھه، علي اڪبر جمالي، پيپلز يوٿ جي صدر اسد زرداري، سپاف جي شير علي بروهي سميت ٻين خطاب ڪيو.