ڪوٽڙي/ميھڙ(نمائندن وٽان) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ۽ درياءَ بچايو ڪاميٽي جي سربراھه سيد زين شاھه ميھڙ ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ قوم ٻڌي ۽ يڪجھتي جو اظھار ڪيو، قوم پنھنجو طاقتور آواز اٿاريو پ پ پ سرڪار پھرين غلط بيان ڏيندي رھي پو۽ ان ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ ڪوڙيون وضاحتون جاري ڪندي رھي ھن چيو ته قوم ھنن جي ڪوڙ کي رد ڪري، دوست دشمن کي سڃاڻي سچائي کي قبول ڪيو جيڪو اڌ جنگ کٽڻ برابر آھي. ھي وقتي طور پوئتي ٿيا آھن، ھن چيو ته ھاڻي وري پ پ پ سرڪار منافقانه پاليسي اختيار ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ کي نئون نالو ڏئي رھي آھي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اسان حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اسان نه سنڌ جو پاڻي ڏينداسين نه ئي وري زمينون اوھان ڪھڙا به نالا ڏيو ھن چيو ته پ پ پ وري ھاڻي ڪوڙا جلسه پئي ڪري اسان گھر ڪريون ٿا ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن کي ليز تي ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڪئنال رد ڪرڻ بابت ايگزيڪٽو آرڊر صدر پاڪستان کان جاري ڪيو وڃي ھنن کي ڪا به چالاڪي ڪرڻ نه ڏينداسين ھن چيو ته سنڌ جي ماڻھن پنھنجو طاقتور آواز حڪمرانن ۽ رياست کي ڏيکاريو آھي اسان ڪنھن جي به ڌوڪي ۾ نه اينداسين ۽ ڪئنال رد ڪري ڏيکارينداسين هوڏانهن ڄامشورو ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته لکين سنڌي ماڻهن پنهنجي درياھ جي مالڪي ڪري ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي جيڪڏهن بندوق جي زور تي ڪئنال ٺاهيا ويا ته ان جو مطلب توهان 7 ڪروڙ سنڌين خلاف اعلان جنگ ڪري رهيا آهيو. 73ع واري آئين تحت فيصلا آباديءَ جي بنياد تي ٿين ٿا، تنهنڪري قومي اسيمبليءَ ۾ صوبن کي برابريءَ جي بنياد تي نمائندگي ڏئي پوءِ فيصلا ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين انيشيٽِوِ جي نالي تي سنڌ جي هڪ ايڪڙ زمين به ڪنهن کي ڏيڻ نه ڏينداسين. زمينن جي واپسيءَ لاءِ به ڪئنالن جهڙي تحريڪ هلائي ويندي. هن چيو ته ڪوئلو، ڪوسٽل بيلٽ ۽ زمينون صوبائي اسم آهن پر انهن جي نالي تي اٿارٽيز ٺاهي وفاق جي ميمبرن کي مقرر ڪرڻ بعد انهن جي مرضيءَ سان فيصلا ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته اسان ڪئنال رٿا مڪمل طور ختم ڪرائڻ، سنڌ جي زمينن جي واپسي ۽ ڪوسٽل بيلٽ سميت وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ ڀرپور عوامي تحريڪ هلائينداسين.