ھنڱورجا: راڻي پور ۾ حويلي اندر قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي تڏي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ پير سيد ڪاظم علي شاهه، لڪياري سيد محرم علي شاهه لڪياري، ايڊووڪيٽ نثار احمد ڀنڀرو پھچي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ وارثن سان پڻ ھمدردي ظاھر ڪندي کين مڪمل سھڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ۽ سيد محرم علي شاهه لڪياري چيو آھي ته معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو سانوڏو ناحق ٿيو آھي جنھن جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي. ان واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ملڻ گھرجي. اسان جون سموريون همدرديون معصوم فاطمه جي وارثن سان گڏ آهن.