ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد جوڙڻ لاءِ جي ڊي اي سرگرم، سڀاڻي ايم ڪيو ايم سان ملاقات متوقع ، قومپرستن ۽ مذھبي جماعتن سان به ملاقاتون ڪري اتحاد ۾ شامل ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويندي، ان ڏس ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران سنڌ ۾ پ پ مخالف ڌرين کي ھڪ پيج تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ان سلسلي ۾ پھرين مرحلي ۾ جي ڊي اي جو ھڪ وفد سڀاڻي ايم ڪيو ايم قيادت سان ملاقات لاءِ بھادر آباد پھچندو، ذريعن موجب جي ڊي اي پاران پ پ مخالف اتحاد کي سگهارو ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کانپوءِ سنڌ جي قومپرستن ۽ مذھبي جماعتن سان پڻ ملاقاتون ڪري، کين اعتماد ۾ وٺي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي ويندي، جڏهن ته انھي اتحاد جي پليٽ فارم تان پ پ مخالف سياسي مھم ھلائي ويندي، اليڪشن ڪميشن سان تڪبندين، ووٽر لسٽن ۽ اليڪشن عملي جي مقرري جي حوالي سان ملاقاتن بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي، ذريعن موجب گرينڊ الائنس جڙڻ بعد ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي، بجلي جي اضافي بلن ۽ ٻين معاملن تي جدوجھد لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي، جي ڊي اي جي ذريعن موجب جي ڊي اي قيادت رابطا مھم تيز ڪرڻ ۽ پ پ مخالف پارٽين کي ھڪ پيج تي آڻڻ لاءِ ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ سردار رحيم کي ٽاسڪ سونپيو آهي، واضع رھي ته جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي چونڊ وقت ھڪ معاھدو پڻ ٿيو ھو، انھي معاھدي تحت ملاقاتن ۽ پ پ مخالف اتحاد کي مضبوط بنائڻ لاء ڪوششون ڪيون پيون وڃن.