خانپور (ن پ ا) اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ خانپور ۾ لياقت آرائين، نثار احمد ابڙو، صحافي رحيم لاڙڪ سان تعزيت ڪئي، جڏهن ته حاجي ھوش محمد سيٺار جي چانھه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي امتياز شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پ پ عوامي پارٽي آھي، پ پ خلاف اليڪشن کان پھريان ماضيءَ ۾ به اتحاد ٺهيا آهن پر سنڌ جي عوام انهن کي رد ڪيو آهي، هن چيو ته پ پ عوامي سمنڊ آھي، ايندڙ اليڪشن ۾ به وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿينداسين، هن چيو ته امن و امان جي صورتحال پھريان بھتر ھئي ۽ اسان جي حڪومت جي آخري ٽائيم ۾ ايپڪس اجلاس ۾ ڏوھارين خلاف بي رحم آپريشن جي منظوري ڏني وئي ھئي، ھاڻي پوليس کي به اغوا ڪيو پيو وڃي.