مٽياري(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ سپاف ضلع مٽياري جي صدر اسدالله ميمڻ عيد ملڻ لاءِ نئوديرو هائوس لاڙڪاڻي ۾ پهچي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ضلع مٽياري جي سياسي صورتحال تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڳواڻ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي نوجوانن جي پارٽي آهي. پيپلزپارٽي سدائين سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪندي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ڀرپور آواز اٿاريو آھي، جڏھن به سنڌ تي ڪو ڏکيو وقت آيو آ ته پيپلزپارٽي ھميشه سنڌ جي دفاع لاءِ ميدان تي نڪتي آهي.