پ پ سنڌ جو نالو بدلائي سنڌي صوبو رکي: ايم ڪيو ايم لنڊن نالي ڪا شيءِ ناهي: خالد مقبول

0
18
پ پ سنڌ جو نالو بدلائي سنڌي صوبو رکي: ايم ڪيو ايم لنڊن نالي ڪا شيءِ ناهي: خالد مقبول
پ پ سنڌ جو نالو بدلائي سنڌي صوبو رکي: ايم ڪيو ايم لنڊن نالي ڪا شيءِ ناهي: خالد مقبول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر/م ڊ)  ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ آهي، ايم ڪيو ايم لنڊن نالي ڪا شيءِ ناهي. وفاقي سرڪار پاران مصطفيٰ ڪمال کي وزير بڻائڻ بابت کيس اڳواٽ اطلاع نه ڏنو ويو هو، جڏهن آئون جهاز ۾ هئس ته مصطفيٰ ڪمال کي حلف کڻائڻ لاءِ فون آيو. هڪ چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي جو ضم ٿيڻ هڪ غير معمولي فيصلو هو. ٻنهي پارٽين جي ضم ٿيڻ وقت تمام گهڻي رنجش هئي، جيڪا قدرتي ڳالهه آهي، اها وقت سان گڏ گهٽجي ويندي، هن چيو ته پارٽي ۾ ڪجهه ماڻهن جو گورنر ڪامران ٽسوري کي پسند يا ناپسند ڪرڻ فطري ڳالهه آهي، هر پارٽي ۾ هر ڪارڪن مختلف فيصلن کي مختلف نقطه نظر کان ڏسندو آهي پر منهنجي موجودگي ۾ ڪنهن کي به پارٽي ڇڏڻ جي ضرورت نه پوندي. هن چيو ته منهنجا مصطفيٰ ڪمال سان اختلاف ناهن، اهو غلط آهي ته گورنر ٽسوري ئي اسان کي گڏ ويهاريندو آهي  هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن مٿي ويٺل ماڻهو وڌيڪ بصيرت رکن ٿا ۽ ڏکيا فيصلا ڪن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن پارٽي جي بزرگن جي فيصلن جو مطلب هيٺ تائين نه پهچندو آهي، 23 آگسٽ 2016 تي ڪيل فيصلي کانپوءِ جيڪا مدد ملڻ گهرجي ها، اها ڪيترن ئي ماڻهن جي ڪري نه ملي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي کي ٽوڙيو ناهي ويو، رڳو ليڪ ٿيل وڊيو جي جاچ لاءِ معطل ڪيو ويو آهي. آئيني ۽ قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ کانسواءِ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي کي ٽوڙي نٿو سگهجي. اسان جلد ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي بحالي وارو  مسئلو به حل ڪنداسين.هن وڌيڪ چيو ته شروعات ۾ منهنجو نالو وفاقي وزير لاءِ نه هو، اسان ٻيا نالا ڏنا هئا، ڪابينا فوري طور تي ٺاهڻڻ سبب منهنجو نالو وزارت لاءِ ورتو ويو، ايندڙ وقت ۾ مون کي تنظيم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي، هن. چيو ته 22 سيٽن سان اسان نواز ليگ  جي ڪابينا ۾ سڀ کان وڏا اتحادي آهيون، اسان کي وفاقي ڪابينا ۾ وڌيڪ نمائندگي ملڻ گهرجي ها. اسان کي اهي وزارتون نه گهرجن، جيڪي اسان کي ڏنيون ويون آهن.  اسان جون ترجيحون مختلف هيون.هن چيو ته ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب  اهو چئي نٿو سگهي ته  وٽس اختيار ناهن، سنڌ حڪومت به پ پ جي آهي،  پيپلز پارٽي مخصو ص علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي،  هن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ آهي، ايم ڪيو ايم لنڊن نالي ڪا شيءِ ناهي. هن چيو ته الطاف حسين کي بلوچستان بجاءِ ڪراچي جو مقدمو لکڻ گهر جي، هن چيو ته پ پ کي سنڌ صوبي جو نالو بدلائي سنڌي صوبو رکڻ گهر جي

متحده ختم: قيادت پي ايس پي مافيا وٽ يرغمال آهي: سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي چڪي آهي، هاڻ اها پي ايس پي مافيا جي گهيري ۾ آهي، روزگار جي آڙ ۾ حددخليون ڪرڻ ٺيڪ ناهي.    ڪجهه ماڻهو روڊن تي گاڏا بيهاري شهرين لاءِ مسئلا پيدا ڪن، سندن اهو عمل غلط آهي، ڪالهه گذري ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سيڪيورٽي ٿريٽ ڪنهن کي به ملي سگهي ٿو، گورنر  ٽسوري کي وڌيڪ سيڪيورٽي جي گهر ج آهي ته کيس مهيا ڪئي ويندي ، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حددخليون غير قانوني ۽ غلط آهن. جيڪڏهن شوروم مالڪ پنهنجن ڪارن کي روڊ تي بيهاري ٿو ته اهو ناقابل قبول آهي. جڏهن روڊن تي ٽريفڪ جام ٿئي ٿي ته شهري اسان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا آهن. راندين کي هٿي ڏيارڻ بابت هن چيو ته سنڌ حڪومت راندين جي شعبي ۾ جيترو ڪم ڪيو آهي، اوترو ڪنهن به ناهي ڪيو، ڪو به صوبو راندين ۾ اسان جو مقابلو نه ڪري سگهندو، ايم ڪيو ايم جي پيپلز پارٽي تي تنقيد بابت هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو ڪنوينر خالد مقبول بيوس آهي، ايم ڪيو ايم کي پهريان پنهنجي ڀاءُ کي سڃاڻڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم هن وقت پي ايس پي مافيا جي قبضي ۾ آهي  خالد مقبول جي سندس ساٿين به انهي ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي. مڪاني ادارن جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جي رهتن  بابت هن چيو ته سڀ کان پهريان اهو سوال ايم ڪيو ايم کان پڇيو وڃي، متحده جي ميئر  وسيم اختر  ڪي ايم سي جي رٽائرڊ ملازمن جا پئسا ڪنهن ٻئي هنڌ لڳائي ڇڏيا هئا، هاڻي اهي ڪهڙي منهن سان پيپلز پارٽي تي الزام لڳائي رهيا آهن؟ جماعت اسلامي به ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ ڊراما پئي ڪري، هن چيو ته سنڌ حڪومت رٽائرڊ ملازمن جون بقايائون  ادا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ڪي ڊي اي وارن رهتن لاءِ 3 ارب گهريا آهن،  ڪابينا ڪي ايم سي جي رٽائرڊ ملازمن جي پگهارن جي ادائگي جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،  ايڇ ڊي اي  ۽ واٽر بورڊ جي رٽائرڊ ملازمن جي بقايا ادا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

وسيم اختر ڪي ايم سي ۾ 30 ڪروڙن جو خسارو ڇڏيو: اڄ 2 ارب پيل آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: ڪراچي جي  ميئر مرتضيٰ وهابچيو ته پ پ سرڪار ڪي ايم ڊي سي کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو.  في کي چيلنج ڪندڙ عدالت ۾ ويا پر کين ناڪامي ٿي، شاگرد هاڻ تعليم تي ڌيان ڏين، هن چيو ته منهنجي ميئر ٿيڻ وقت ڪي ايم سي 30 ڪروڙن جي خساري ۾ هئي، هن وقت اسان جي اڪائونٽ ۾ 2 ارب پيل آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو پراڻو آهي، ڪي 4 مڪمل ٿيڻ سان شهرن کي وڏو رليف ملندو.