نئون ڪوٽ (ن پ ا) عوامي تحرڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي تعلقي صدر ممتاز جوڻيجو ۽ محمود ڀنڀرو نئون ڪوٽ، فضل ڀنڀرو، نفيس نگر، گل موري، فقير سليمان چانڊيو ۽ ٻين علائقن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن سان ملاقاتون ڪري کين 17 نومبر ڪراچي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان موقعي تي نئون ڪوٽ پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي جي سهڪار سان سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال ٺاهيا پيا وڃن، پيپلزپارٽي ڊجيٽل آدمشماري جيان ڪينالن جي مسئلي تي به سنڌي عوام سان دوکو ۽ فراڊ ڪري رهي آهي. پيپلزپارٽي سنڌو درياهه وڪڻڻ چاهي ٿي، سنڌ جو عوام پنهنجي تاريخي ۽ تهذيبي درياءَ جو وڪرو برداشت نه ڪندو، پيپلز پارٽي سرڪار جي درياهه وڪڻڻ واري سازش خلاف ڀرپور جدوجھد ڪئي ويندي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ماحولياتي آلودگي متاثرن کي بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ رهائي چنيسر وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سنڌ اڳ ۾ ئي ڌاري آبادڪاري سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، مٿان وري بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي کي پنهنجي جاگير سمجهي لکين ڌاريا رهائڻ ٿو چاهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضن، ارسا ايڪٽ ترميم ذريعي سنڌو درياهه جو پاڻي غير ملڪي سيڙپڪارن کي وڪرو ڪرڻ، ڌاڙيل راڄ، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ عورتن مٿان ٿيندڙ ظلمن خلاف سنڌياڻي تحريڪ پاران 17 نومبر تي ڪراچي ۾ زبردست ريلي ڪڍي ويندي، سنڌ جي سمورن ماڻهن کي ريلي م شريڪ ٿي پنهنجو درياھ، وسيلا بچائڻ لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي.