ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن تي سوديبازي نه ڪندي، ڪنهن به حالت ۾ تڪراري ڪئنالن جي تعمير جي اجازت نه ڏيندي. هڪ بيان ۾ ھن چيو ته  پ پ سنڌ جي پاڻي حقن جي محافظ آهي،  اها سنڌ جي عوام جي امنگن موجب ڪنهن به اهڙي قدم جي خلاف بيٺل هوندي جنھن سان  صوبي جي وسيلن کي نقصان پهچي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سدائين پاڻي جي مسئلي تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي، ان حوالي سان ڪنهن به دٻاءُ يا مصلحت ۾ نه ايندي. هن چيو ته صدر آصف زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو ، سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ حڪومت واضح پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن به غير قانوني ڪينال جي تعمير قبول نه ڪئي ويندي. سنڌ اسيمبلي پڻ انهي حوالي سان قرارداد منظور ڪئي آهي،ھن مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا سنڌ جي پاڻي جي حقن کي يقيني بڻائين،  ڪنهن به اهڙي منصوبي يا اسڪيم کان پاسو ڪن، جيڪو صوبي جي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي برابر هجي.