پ پ سان گڏجي هلو: واوڊا بهادرآباد پهتو: متحده پ پ خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

0
34
پ پ سان گڏجي هلو: واوڊا بهادرآباد پهتو: متحده پ پ خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا
پ پ سان گڏجي هلو: واوڊا بهادرآباد پهتو: متحده پ پ خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سينيٽر فيصل واوڊا ايم ڪيو ايم مرڪز بھادر آباد پھتو،  جتي ھن ايم ڪيو ايم سربراھه ڊاڪٽر خالد مقبول ۽ مصطفيٰ ڪمال سان ملاقات ڪئي، ملاقات بعد  ميڊيا سان ڳالھائيندي فيصل واوڊا چيو ته اسٽيبليشمينٽ  کي برو چوڻ سان سياست خراب ٿئي ٿي۔  عدالتي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آھي، اسان جي ڪوشش ھئي ته پي ٽي آءِ وارن کي سمجهايون ته عمران خان جي سزا انھن کي ملي رھي آھي،  ھن چيو ته جنرل فيض حميد جا قانوني معاملا 14 ڊسمبر کان اڳ حل ٿي ويندا، آئون حڪومت توڙي ٻين سياسي جماعتن سان به ملندس،  ملڪي مفاد جا فيصلا سياسي پارٽين کي ئي ڪرڻا آھن، سمورين سياسي پارٽين جو مقصد نيشنل ڪاز آھي،  جنھن ٽريڪ تي ملڪ ھلي پيو، انھي لاءِ سڀني کي گڏ ھلڻو پوندو، ايم ڪيو ايم جا قومي اسيمبلي ۾ 22 ميمبر آھن،  اسانکي سندن مينڊيٽ تسليم ڪرڻو پوندو، ھن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي عسڪري ونگ جي ڇاپ مان نڪرڻ گهرجي ـ ايم ڪيو ايم،  پ پ ۽ نواو ليگ کي پڻ اھا ڇاپ لاھڻي پوندي،  هن چيو ته عمران خان جي زندگي کي خطرو آھي، اھو چئي سياست ڪئي پئي وڃي،  پي ٽي آءَ  جي اسلام آباد ڌرڻي پٺيان ھڪ خاص ايجنڊا ھئي،  ھن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي مدرسن واري بل متعلق سمورين پارٽين کي ويھي حل ڪڍڻ گھرجي۔  آئون ڪراچي جو آھيان،  اسانجو آواز الاھي پري تائين ٿو وڃي،  ايم ڪيو ايم سدائين اسانجو ساٿ ڏنو آھي آئيني ترميمن تي سڀني کي گڏ ويھڻ جي ضرورت آھي، جيستائين سياسي جماعتون گڏ نه ويھنديون، مسئلي جو حل نه نڪرندو ـ ان موقعي تي متحده اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته فيصل واوڊا قومي ھم آھنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، اسان سندس ساٿ ڏينداسين ، هوڏانهن اردو چينل موجب فيصل واوڊا متحده کي پ پ سان گڏجي هلڻ جي صلاح ڏني، جنهن تي متحده پ پ خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، سندن چوڻ هو ته پ پ ترقياتي ڪمن ۾ کين نظر انداز پئي ڪري، ڪي ايم سي جي پينشنرن جا 17 ارب اڃاادا ناهن ٿيا، 22 سيٽون هجڻ سبب اسان کي وڌيڪ وزارتون ملڻ گهرجن، جنهن تي واوڊا چيو ته متحده کي 22 سيٽن تي وڌيڪ وزارتون ملڻ گهرجن.