ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي (سنڌ ۾ پ پ  دور ۾ هٽايل 20هين گريڊ جي 13 آفيسرن پاران پوسٽنگ وٺڻ جا جتن  سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن، ميرپورخاص جي ڪمشنر، وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي  چيئرمين ۽ ماحوليات کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري سميت 20هين گريڊ جا 13 آفيسر هلندڙ ۽ 2 ايندڙ سال سروس جو مُدو مڪمل ڪري رٽائرڊ ٿي ويندا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ ۾ اڳوڻي حڪومت جي سفارشن تي مختلف سرڪاري کاتن مان صوبائي سروس ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس گروپ سان واسطو رکندڙ 20هين گريڊ جي 13 آفيسرن سميع الدين صديقي، اختر بگٽي، محمد علي شيخ، نديم ابڙو، عمر فاروق بُلو، اختر قريشي، انجم اقبال جماڻي، اسحاق کهڙو، زبير پرويز، اطهر ميراڻي، خالد چاچڙ ۽ مريد راهمون کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي تبديلي باوجود ڄاڻايل آفيسرن کان خدمتون نه ورتيون ويون آهن. ذريعن موجب  ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سيڪريٽرين جي امڪاني بدلين ۽ مقررين دوران اڳوڻي حڪومت پاران هٽايل 13 آفيسرن کي اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته هلندڙ سال سنڌ جي مختلف کاتن جا 9 سيڪريٽري سطح جا آفيسر پنهنجي سروس جو مُدو پورو ٿيڻ جي صورت ۾ رٽائرڊ ٿي ويندا، وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جو چيئرمين مخدوم شڪيل الزمان 11 آڪٽوبر، ميرپورخاص جو ڪمشنر شفيق مهيسر 31 ڊسمبر، صوبائي اليڪشن اٿارٽي جو ميمبر الطاف بجاراڻي 16 سيپٽمبر، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري اڪبر لغاري 29 نومبر، بورڊ آف روينيو جي ڳوٺ آباد اسڪيم جو ميمبرآصف ميمڻ 6 سيپٽمبر ۽ ماحوليات کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري احمد سلطان کوسو 31 ڊسمبر، بورڊ آف روينيو جو ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن محمد شريف شيخ 14 ڊسمبر 2023 تي رٽائرڊ ٿي ويندا. هوڏانهن لاڙڪاڻي جو ڪمشنر گھنور لغاري ايندڙ سال 16 جنوري  ۽ ذوالفقار آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ايم ڊي نياز عباسي 14 مارچ 2024 تي رٽائرڊ ٿيندا