دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) پ پ جي اندروني اختلافن دادو شهر جي رهواسين کي پنهنجن پيارن جا مڙھ گٽرن جي پاڻي مان گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ، دادو اسپتال ۾ طفيل ميمڻ جي گهر جي عورت فوت ٿي وئي،  مڙھ جڏهن ايمبولنس ۾ بٺ پاڙي ۾ گهر آندو ويو ته روڊ ، رستا ۽ گهٽيون ڊرينيج جي گندي پاڻي ۾ ٻڏل هيون، فوتي عورت جي وارثن گهر آڏو ڪاٺ جا ڦٽا رکي گندو پاڻي جهاڳي عورت جو مڙھ گهر ۾ اندر پهچايو ، مڙھ سان گڏ آيل عورتون پڻ گندو پاڻي جهاڳي اندر داخل ٿيون ، جڏهن ته پاڙي جون عورتن توڙي مردن کي فوتي عورت جي گهر پهچڻ لاءِ گندو پاڻي جهاڳڻو پيو آهي ، جنهن تي دادو جي شهرين ۾ ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي.