اسلام آباد (م ڊ) تازو مسلم ليگ ن ۾ شموليت ڪندڙ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ چيو آهي ته هن وقت ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بشير ميمڻ چيو ته ن ليگ جي حڪومت آئي ۽ مون کي به احتساب جو ڪم ڏنو ويو ته جيڪي جائز معاملا هوندا انهن تي ايڪشن کڻندس. هن چيو ته منهنجي ڊي جي ايف آءِ اي هوندي پيپلزپارٽي خلاف انتقامي ڪارروائين جو تاثر غلط آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪي معيشت لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سندس چوڻ هو ته نواز شريف ملڪ لاءِ گھڻو ڪجهه ڪيو آهي ان کي ڏسندي ئي مون ن ليگ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو. نواز شريف هن ڀيري به ملڪ خاطر ڏيهه موٽي رهيو آهي.